آمريڪي هٿيار ڊي چوڪ وٽ پاڪستاني شهرين تي استعمال ٿيا\عمر ايوب

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان اسلام آباد جو ڪو قلعو فتح ڪرڻ نه ويا  هئاسين. هن چيو ته هو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ آيو آهي، ضمانت ملي وئي آهي، هو مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ جڊيشل ڪميشن جو ميمبر آهي، موٽرسائيڪل چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته آمريڪا طرفان مليل هٿيار ڊي چوڪ تي پاڪستاني شهرين خلاف استعمال ٿيا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کين ڳالهين جي خبر آهي يا نه، ان جو جواب وڏو وزير ئي ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.