ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ ۾ بجلي جو سستو ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊسٽري بيوشن ۾ رڪاوٽن سبب سستي بجلي جي فراهمي ممڪن نه پئي ڪري سگهجي. 2019 کان وٺي27 هزار جي ڊبليو ايڇ بجلي 4.8 رپيا في ڪي ڊبليو ايڇ پيدا ڪئي وئي آهي جڏهن ته درآمد ٿيل ڪوئلي مان 19.5 رپيا في ڪي ڊبليو ايڇ بجلي پيدا ٿيندي آهي. ٿر جي ڪوئلي هن وقت 1 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو بچت ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿر ڪول انرجي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ميمبر قومي اسيمبلي شازيا مري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ سيڪريٽري توانائي مصدق ملڪ شرڪت ڪئي جڏهن ته ايم ڊي ٿر ڪول طارق شاهه، وفاقي وزير ناڻو محمد اورنگزيب، ڊپٽي سيڪريٽري پلاننگ، وفاقي سيڪريٽري توانائي فخر عالم ۽ ٻين پڻ وفاق کان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ ۾ توانائي جو سستو ذريعو آهي ۽ مقامي سطح تي حاصل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سستي هجڻ باوجود محدود ٽرانسميشن سبب ٿر مان بجلي جي پيداوار ۾ چئلينجز آهن پر وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ٿر ۾ انفرااسٽرڪچر تعمير ڪري رهيون آهن ته جيئن ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي. مراد علي شاهه فخر سان چيو ته ٿر 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ملڪ ۾ توانائي جو سڀ کان گهٽ لاڳت وارو ذريعو بڻجي ويو آهي. ٿر جي 60 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. 2019ع کان وٺي ٿر ڪول بلاڪ 2 مان 4.8 رپيا في ڪي ڊبليو ايڇ سان رڳو 27 هزار گيگاواٽ بجلي پيدا ٿي آهي جڏهن ته درآمدي ڪوئلي مان 19.5 رپيا في ڪي ڊبليو ايڇ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. ان فرق سبب هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو بچيو آهي. وڏي وزير چيو ته اهي ڪاميابيون صدر آصف علي زرداري جي رهنمائي هيٺ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب ساڀيان ٿيو آهي. وفاقي سيڪريٽري پاور ڊويزن فخر عالم وڏي وزير جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته وزيراعظم ڄامشورو، ساهيوال ۽ ٿل پاور پلانٽس کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻ کان اڳ جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير چيو ته ريلوي لائين ٺهڻ کانپوءِ ٿر مان ڪوئلي جي ملڪ ۾ منتقلي سستي ۽ آسان ٿي ويندي. ٿر ڪول کان ريلوي لائين تي پريزنٽيشن دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول فيلڊ کان ڇوڙ تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين وڇائڻ جو ٺيڪو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) کي ڏنو ويو آهي. گرائونڊ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته سليپرز خريد ڪيا ويا آهن. ريل ۽ ٻين سامان جي خريداري به شروع ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه بن قاسم کان لڪي پاور پلانٽ تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين ۽ بن قاسم ۾ لڪي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۾ ڪول ان لوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ تعمير ڪئي ويندي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ 756.10 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن مان 36 ايڪڙ خانگي زمين آهي جيڪا اڃا حاصل ڪرڻي آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته ڪمشنر ميرپورخاص کي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ چيو وڃي. چيف سيڪريٽري موجب ٿرپارڪر ۾ 242.12 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پئي وڃي جنهن لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص کي 6 ڪروڙ 8 لک رپيا ڏنا ويا آهن. بورڊ آڪٽوبر 2022ع کان مارچ 2024ع تائين سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ٿرڪول بلاڪ 2 جي فيز 2 جي نظرثاني ٿيل ٽيرف آرڊر بابت تجويزن جي منظوري ڏني. ٿرڪول بورڊ بورڊ جي ڊائريڪٽرن فهد عرفان صديقي ۽ عمار حبيب خان جي مدي ۾ آگسٽ 2025ع تائين واڌ جي منظوري ڏني. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي اي او اجلاس کي ٻڌايو ته چيني سيڙپڪار ٿر ڪول جي بلاڪ 2 کاڻ جي گنجائش 76 لک ٽن في سال کان وڌائي هڪ ڪروڙ 12 لک ٽن في سال ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته 2025ع جي پهرين ٽماهي تائين مالي معاملن تي اتفاق راءِ ٿيڻ جو امڪان آهي. توسيع لاءِ سرمائي جو بندوبست مقامي طور ڪيو ويندو. ضروري فنڊنگ جي بندوبست لاءِ ميزان بئنڪ سان معاهدو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.