سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف 5 ڊسمبر تي ميرپورخاص ۾ ڌرڻي جو اعلان

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌو درياءُ تي پنجاب پاران 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص ضلعي جي صدر حاجي محمد عمر ٻگھيو جي صدارت هيٺ اڳوڻي تعلقي ناظم سرفراز جوڻيجو جي رهائشگاھ تي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميرپورخاص ضلعي جي آبادگارن امير علي ٿيٻو ممتازي مري، سرفراز جوڻيجو، ملوڪ راڄڙ، مير ظفر الله ٽالپر، خادم حسين بهراڻي. ضياءُ الرحمٰن، بابو ڪوري، مرزا مهر علي، راڻا اقبال، حاجي حسين بخش لغاري، اقبال راجپوت، سميت ميرپورخاص ضلعي جي ستن تعلقن جي زميندارن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي. ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار جي صدر علي حسن چانڊيو به پنهنجي وفد سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت ڪندي ڪئنالن خلاف جدوجھد ۾ وڪيلن پاران مڪمل ساٿ ڏيندي ڌرڻي ۽ احتجاج ۾ ڀرپورشرڪت جو اعلان ڪيو، اجلاس ۾ گڏيل طور سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪندي فيصلي کي سنڌ جي عوام خلاف سازش قرار ڏنو ويو ۽ گڏيل طور قرارداد پاس ڪئي وئي ته فوري طور سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ واري فيصلي کي واپس وٺي سنڌ ۽ پنجاب جي عوام ۾ ان فيصلي سبب وڌندڙ نفرتن کي روڪيو وڃي، مستقبل ۾ به سنڌو تي ڪنهن به قسم جا ڪئنال نه ڪڍڻ جو واضع اعلان ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ٿرپارڪر ۽ بدين سميت ٻيا ضلعا سخت متاثر ٿيندا سمنڊ سنڌ جون زمينون ڳڙڪائي ويندو جنهن سان وڏي تباهي ايندي  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌو تي ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ شروع ڪيل جدوجھد جي ٻي مرحلي ۾ سوين آبادگار، وڪيل ۽ هاري 05 ڊسمبر تي ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.