نفسيات روّين ۽ ذهني عمل جو اهو سائنسي اڀياس آهي، جيڪو عام اصولن کي قائم ڪرڻ ۽ مخصوص صورتحال جِي تحقيق ڪندي ماڻهن ۽ گروهن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو آهي. نفسيات هڪ گهڻ رُخو علم آهي، جيڪو انهن نفسياتي، سماجي ۽ حياتياتي پهلوئن کي جانچي ٿو، جيڪي انساني سوچ ۽ روّيي تي اثرانداز ٿين ٿا. نفسيات اسان مان هر ڪنهن سان ڪيترن ئي طريقن سان لاڳاپيل آهي. مثال طور: نفسياتي اڀياس، اسانکي پنهنجي ذاتي ترقيءَ ۽ پنهنجي جاڳرتا جي حوالي سان پاڻ کي سمجھڻ، پنهنجي ذهني صحت جي واڌاري ۽ پنهنجي جذباتي ذهانت (اموشنل انٽيليجنس) کي ضبط ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي جذبات کي سڃاڻڻ، سمجھڻ ۽ انهن کي سنڀالڻ جو ڏس ڏئي ٿو. رشتن ۽ رابطن جي حوالي سان ٻين کي سمجھڻ ۽ مضبوط ناتا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. پنهنجي پيشاورانه واڌ ويجھه جي حوالي سان ڪم جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ ڪيريئر جي حوالي سان رهنمائي ڪري گَس ڏسي ٿو ۽ طبعي صحت جي سنڀال سان گڏ هر قسم جي جذباتي، ذاتي توڙي پيشاورانه چيلينجز سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هونئن ته نفسيات جو مطالعو هڪ وسيع ۽ ڳُوڙهو علم آهي، پر اسانکي نفسياتي ماهر ڪن ننڍن ننڍن طريقن سان پنهنجي وڏن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جا رستا به ٻڌائن ٿا.
مثال طور ڪنهن به عمومي صُورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ هي نفسياتي اٽڪُلون يا طريقا اوهانجي ڪم اچي سگھن ٿا:
1 ــ جيڪڏهن ڪوئي اوهان کي خواهه مخواهه گھٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪاوڙ ڪري رهيو آهي، ته اوهان ساڻس جواب ۾ ڪنهن به سخت ردِ عمل جو اظهار نه ڪريو. ردِ عمل طور اوهان بس ڪجھه لمحا خاموش رهي، کانئس فقط ايترو پُڇو ته ”تون ٺيڪ آهين!؟“ اوهانجي ايئن چوڻ سان کيس پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن. نه تڏهن به سندس ڪاوڙ پد لهندو ضرور!
2 ــ جيڪڏهن اوهانجي سامهون ڪوئي ڪُوڙ هڻي رهيو هجي ۽ اوهانکي خبر پئجي وڃي ته هو ڪُوڙ پيو ڳالهائي، ته اوهان کيس ڪجھه به نه چئو (کيس ان ڳالهه جو احساس نه ڏياريو ته اوهانکي سندس ڪُوڙ بابت خبر آهي.) ڇاڪاڻ ته ماٺ وڏي طاقتور شئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي ڪوڙ هڻي رهيو آهي ته هو اوهانجي ماٺ مان پنهنجو پاڻ بي سڪُوني محسوس ڪندو. اڪثر صورتحالين ۾ ايئن ٿيندو ته اڳلو اوهانجي خاموشيءَ سبب اڃا وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪندو.
3 ــ جيڪڏهن اوهان ڪوبه دليل کٽڻ چاهيو ٿا، يا پنهنجي پيش ڪيل ثابتيءَ جي سرسي چاهيو ٿا ته تحمل سان پنهنجي ڳالھه ڪري ماٺ ٿِي وڃو. ڪنهن به قسم جو ڪوئي سخت ردِ عمل ڏيکاري ان دليل کي ڪنهن تي مُسلط ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو ۽ پنهنجي ڳالھه کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا سڌا بيان ڏيڻ بجاءِ سوال ڪريو. اوهانجو سوال ڪرڻ ۽ اڳلي جو انهن سوالن جا جواب ڏيڻ وارو اهو عمل اوهانجي مدِمقابل کي دليلن جي روشنيءَ ۾ اهو احساس ڏياريندو ته هُو غلط آهي.
4 ــ جيڪڏهن اوهانکي ڪنهنجي مدد جي ضرورت آهي ته اوهان پنهنجي ڳالهه کيس اهو چوندي شروع ڪيو ته ”مونکي تنهنجي صلاح گھرجي!“ اها ماڻهن جي نفسيات آهي ته جيڪڏهن کين خبر پئجي وڃي ته سندن نقطهء نظر، صلاحون ۽ مهارتون اوهان لاءِ يا ڪنهن لاءِ به اهم ۽ قدر لائق آهن، ته هُو مدد ڪرڻ لاءِ فوراً تيار ٿي ويندا آهن.
5 ــ جيڪڏهن ڪوئي اوهان کان ناراض آهي ۽ ان سبب اوهان تي ڪاوڙ ڪري رهيو آهي ته ان صورتحال ۾ به خاموش رهو ۽ ڳالهائڻ ضروري هجي ته به جِھيڻو ڳالهايو. اوهانجي اهڙي ڌيمي ڳالهائڻ سبب سامهون واري جي ڏاڍيان ڳالهائڻ جو انداز غير ارادي طور تي اوهانجي آواز جو ڌيمو سُر ٻُڌي جِھيڻو ٿي ويندو. اوهانجو اهو عمل صورتحال جِي شدت گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو.
6 ــ جيڪڏهن اوهانکي ڪنهن جي به ڪنهن عمل تي تنقيد ڪرڻ ضروري هجي، ته ان جو اظهار ڪرڻ کان اڳ ان شخص جي ڪنهن خوبيءَ جي ذڪر ڪرڻ سان پنهنجي ڳالھه شروع ڪريو. ان سان ٻُڌڻ وارو هر قسم جي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ اوهان پنهنجي سخت ڳالهه ڪرڻ لاءِ به نرم ميدان تيار ڪري وٺندا. ٻُڌڻ وارو پنهنجي تعريف ٻُڌي خوش ٿي ويندو ۽ پوءِ پنهنجي هلڪي ڦلڪي تنقيد به کيس برداشت ٿي ويندي ۽ ان ڳالهه جا امڪان به وڌي ويندا ته هو ان ڏس ۾ پنهنجي تصحيح / اصلاح به ڪري.
7 ــ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ڪوئي اوهان سان ڪنهن ڳالهه تي اتفاق ڪري يا اوهانجي ڪيل گذارش قبول ڪري ته کيس ٻه رستا (آپشن) ڏيو، جن ٻنهي کي لفظن جي ماهراڻي اُڻت سان ايئن اظهاريو، جو ٻنهي جا آپشنس / نتيجا لڳ ڀڳ ساڳيا هجن. (جيڪي ٻئي اوهانجي حق ۾ هجن.) اها اٽڪلَ اڳلي ماڻهوءَ کي اهو محسوس ڪرائيندي ته هنن ٻن منجھان پنهنجي سهولت وارو رستو چُونڊيو آهي. ٻي ڳالهه ته هُو نفسياتي طور اهو سمجھندو ته هن انهن آپشنس مان هڪ چونڊڻ جو پنهنجو اختيار استعمال ڪري اوهان تي ٿورو ڪيو آهي. جنهن سان اوهانجي گذارش جِي قبوليت جا امڪان وڌي ويندا.
جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهانکي پسند ڪن، ته ان جون 3 انتهائي ڳُجھيون ۽ باريڪ نفسياتي اٽڪلون هي آهن. جن جي استعمال ۾ احتياط ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي شدت سان استعمال ڪرڻ سان اڳلو اهو سمجھي سگھي ٿو ته اوهان ڄاڻي واڻي انهن طريقن جو استعمال ڪري رهيا آهيو.
انهن منجھان پهرين اٽڪل اوهانکي متان حيران ڪري ته اوهان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان رُوبرو اڪيلي ۾ ڳالهائي رهيا آهيو ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ اوهان جيڪڏهن ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ بابت سٺو ڳالهائڻ شروع ڪندئو (جيڪو اتي موجود نه هجي!) ته اوهان جنهن سان مخاطب آهيو، اهو ان غير موجود شخص جُون اوهان پاران ڳڻايل خوبيون پنهنجو پاڻ اوهان سان سلهاڙڻ شروع ڪري ڇڏيندو. مثال طور: اوهان ڪنهن جِي ايمانداريءَ، سُڀاءَ يا ذهانت جِي تعريف ڪرڻ شروع ڪندئو، ته اوهانجو مخاطب لاشعوري طور تي، هڪ خودڪار نفسياتي عمل رستي اهي گُڻَ اوهان سان سلهاڙڻ شروع ڪري ڇڏيندو، ته ”نه! اوهان پاڻ هيڏا ايماندار آهيو…“ يا ”ذهين آهيو…“ يا ”اوهانجو سُڀاءُ هيڏو مثالي آهي…“ وغيره وغيره… سو ان مشق رستي، اوهان ڪنهن ٽئين فرد جِي تعريف ڪري سامهون واري کي پنهنجي شخصيت جي انهن گڻن جو اعتراف ڪرڻ تي مجبُور ڪري سگھو ٿا، جن جِي مڃتا شايد هُو عام حالتن ۾ ڪڏهن به نه ڪري ها!
ٻي اٽڪلَ نفسيات جي ٻوليءَ ۾ ”بين فرينڪلن افيڪٽ“ چورائيندي آهي. جنهن تحت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ننڍن ننڍن مامرن ۾ اوهانجي ڪم اچي ٿو، ته کيس اها ننڍي مدد ڪندي سٺو لڳي ٿو ۽ هُو اوهانکي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳي ٿو. يا ايئن کڻي چئون ته ماڻهو اوهانجي ڪا وڏي مدد ڪرڻ کان اڳ ۾ ڀلي سؤ دفعا سوچين، پر نفسياتي طور کين اهو سُٺو لڳندو آهي ته هو روز مرهه جي ننڍن ننڍن ڪمن ۾ اوهان لاءِ آسانيُون پيدا ڪن. (جيتوڻيڪ هي گُڻ سڀني تي لاڳو ڪونه ٿو ٿئي!) اهو ڪم ننڍي ۾ ننڍو ۽ معمولي ۾ معمولي به ٿي سگھي ٿو . مثال طور: اوهان ڪنهن پَري پيل پين يا پينسل کڻي ڏيڻ لاءِ ڪنهن کي گذارش ڪريو ته ”سائين، اها پينسل ته سوري ڏيو!“ يا ڪنهن کي پنهنجي ڪنهن ڪم ڪرڻ دؤران ڪا شئي ٻن منٽن لاءِ سنڀالڻ يا جھلڻ لاءِ اهو چئو ته ”هن کي ٻه منٽ سنڀاليندا؟ ته آءٌ فلاڻو ڪم ڪري وٺان!“ يا اوهانجا ٻئي هٿ رُڌل هجن ۽ اوهان ڪو دروازو کولڻ لاءِ ڪنهن کي گذارش ڪريو ته ”سائين، هي دروازو کولڻ جي تڪليف ڪند!“ ان قسم جي صورتحال ۾ جيڪو شخص اوهان جي ان ننڍي معاملي ۾ ڪم اچي رهيو آهي، اهو فطري ۽ نفسياتي طور اوهان ڏانهن گرمجوشي محسوس ڪندو ۽ خوش ٿيندو ته هو اوهانجي ڪنهن ڪم اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته نفسياتي طور انسان کي ’وٺڻَ‘ کان وڌيڪ ’ڏيڻَ‘ ۾ لطف ايندو آهي.
ان ڏس ۾ ٽين اٽڪل نفسيات جي ٻوليءَ ۾ ”پريٽ فال اِفيڪٽ“چورائيندي آهي، جيڪا پنهنجي ڪنهن اڻائيءَ يا گھٽتائيءَ جو اظهار ڪرڻ بابت آهي. يعني پنهنجي ڪنهن ننڍي خاميءَ جو پاڻ ئي برملا اظهار ڪري ڇڏجي. جيئن پنهنجي ڪنهن ڀُلَ چُڪَ تي پاڻ تي ئي کلڻ… ان سان ماڻهو اوهانکي وڌيڪ لاڳاپيل ۽ رَسائيءَ لائق سمجھندا. ڇاڪاڻ ته نفسياتي طور ماڻهن جي اڪثريت ”ڪامل“ ماڻهن کان وڌيڪ ”حقيقي“ماڻهن کي پسند ڪندي آهي ته جيڪي جيئن آهن، ائين ئي نظر اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته زماني جي مَٽجندڙ معيارن ۽ قدرن انساني روّين ۽ نفسيات تي به زَنگ چاڙهي ڇڏيو آهي، پر بنيادي طور تي انسان ”اصل“ کي ئي پسند ڪندڙ آهي.