گذريل مهيني جي آخري تاريخن ۾، عمران خان جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ مظاهرين کي ماري، ڦٽي، ڊوڙائي ۽ ڀڄائي ميدان خالي ڪرايو ويو. جڏهن ڌرڻو پڄاڻي تي پهتو. تڏهن رات جي اونداهي ۾ فتح حاصل ڪندڙ حڪمران ظاهر ٿيا ۽ پنهنجي سورهيائي ٻڌائڻ لڳا ته، اسان ڪي وڏا ڦاڙها ماريا آهن ۽ ڪا وڏي جنگ کٽي ورتي آهي. حڪمران مختلف بيان ڏيندا رهيا ۽ پنهنجي ساراهه پاڻ ڪندا رهيا. ان دوران وزير داخلا محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، هن احتجاج ۾ افغاني به شريڪ ٿيا هئا. هاڻ افغاني شهرين کي 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. هن تاريخ کان پوءِ افغاني شaهري اسلام آباد جي حدن ۾ رهي نه سگھندا. اجازت نامي کان سواءِ، ڪنهن به افغاني شهري کي اسلام آباد داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو يعني ڪوبه افغاني اين او سي جي بغير اسلام آباد ۾ رهي ڪونه سگھندو. هڪ اهو اعلان ڪيوويو آهي. ٻئي طرف اهو به اعلان ٿيو ته، پي ٽي آءِ جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي جلد سڃاڻپ سامهون آندي ويندي. اهو، اعلان عظميٰ بخاري پريس بيان جاري ڪندي ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته، احتجاج ۾ پڪڙيل افغانين جو رڪارڊ به ظاهر ڪيو ويندو. جن، ڊي چوڪ تي افراتفري مچائي، غير يقيني ماحول پيدا ڪيو ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي.
ياد رهي ته، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ افغانين جا ڪٽڪ اچي ويا آهن. روزانه الائي ڪيترا افغاني اچن ٿا. جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ والار ڪري رهيا آهن. ڪن هنڌن تي انهن جي آبادڪاري ۾ بااثر وڏير، ڀوتار ۽ سياسي شخصيتون به ملوث آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ حڪمران انهن جي آبادڪاري ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري اهي تيزي سان وڌندا پيا وڃن. هر روز افغانين جي وڏي لوڌ سنڌ ۾ داخل ٿي رهي آهي. بلڪل اهڙي طرح اسلام آباد ۾ به اهي مسڪن پذير ٿيندا پيا وڃن. خبر ناهي ته، اتي سندن سهولتڪار ڪير آهي؟ چون ٿا ته جيڪي پٺاڻ اتي رهن پيا اهي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ به شريڪ ٿي رهيا آهن. پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ به اهي شريڪ هئا. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي رهيون آهن. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، حڪومت انهن جي نيڪالي جو اعلان ڪيو آهي ۽ تاريخ به ٻڌائي ويئي آهي ته، کين 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد خالي ڪرڻو آهي. ڪوبه افغاني اسلام آباد شهر يا ان جي حدن ۾ رهي ڪونه سگھندو. هي اعلان ته پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو. پر، هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ان اعلان تي عمل به ڪيو ويندو يا نه؟ اهو 31 ڊسمبر کان پوءِ معلوم ٿي ويندو ته افغاني اسلام آباد خالي ڪري وڃن ٿا يا مورڳو مضبوط ۽ محفوظ ٿي ويهي رهيا آهن. حڪومت جو اهو، صرف کوکلو ۽ سکڻو اعلان هو. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه آهي. اسان هن، اعلان تي حڪومت جي حمايت ۾ آهيون. اهي ماڻهو هتان جي ذريعن ۽ وسيلن تي قبضا ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهن. جنهن ڪري هتان جي امن و امان واري صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. چوري جا هٿيار به انهن وٽان ملن ٿا. تنهن کان سواءِ منشيات جو واپار ۽ ڪاروبار به اهي ڪري رهيا آهن. ان سبب جي ڪري اسان جي معاشري تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ اسان جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن، حڪومت انهن کي اسلام آباد مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته اهو واڳ ڌڻين جو عظيم ڪارنامو ليکيو ويندو ۽ هر پاڪستاني ان عمل جي واکاڻ ۽ ساراهه ڪندو. بهرحال حڪومت کي گھرجي ته هن اعلان تي عمل ڪرائي. ان اعلان کي نظر انداز نه ڪري.
وفاقي حڪومت کي جيڪڏهن ملڪ ۾ امن وامان قائم ڪرائڻو آهي ته، مذڪوره ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ ضروري آهي. تڏهن امن و امان قائم ٿي سگھي ٿو. ڏوهن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي. منشيات جو ڪاروبار بند ٿي سگھي ٿو. ان ڏس ۾ حڪومت کي سخت قدم کڻي کين ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. حڪومت جيڪو اعلان ڪيو آهي ته اهي پٺاڻ 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد مان نڪري وڃن. اهو، اعلان سٺو آهي. قومي ۽ ملڪي مفادن وٽان آهي. پر، حڪومت کي اها خبر ڪونه ٿي پوي ته هو، اسلام آباد جي حدن مان نڪري ملڪ جي ٻين علائقن ۽ شهر ۾ ٽڙي پکڙجي ويندا. خاص ڪري اهي سنڌ ڏانهن رخ ڪندا. سنڌ عالمي يتيم خانو بنجي چڪو آهي جنهن ڪري انهن کي سڄي ملڪ مان تڙي ڪڍيو وڃي. کين ڪٿي به رهڻ لاءِ جاءِ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. رڳو، انهن کي اسلام آباد مان ڪڍڻ جو ڪهڙو مقصد آهي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته اهو رڳو اعلان آهي. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اهو خدشو آهي ته شايد ان اعلان تي عمل به نه ڪيو وڃي. جيئن ماضي ۾ حڪمران اعلان ڪندا رهيا. پر، انهن تي عمل اڄ ڏينهن تائين ٿي نه سگھيو آهي بس، اهي سکڻا دلاسا ۽ اعلان هئا. هيءُ اعلان به ماضي جي انهن اعلانن وانگر هجي. جيڪڏهن حڪومت هن اعلان تي عمل ڪري ڏيکاريو ته پوءِ ان جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪرڻ ضروري آهي. بهتر ته ائين ٿئي ها ته، محسن نقوي صاحب اهو اعلان ڪري ها ته 31 ڊسمبر تائين سمورا پٺاڻ اسان جي ملڪ مان نڪري پنهنجي ملڪ هليا وڃن. پر، اهڙو اعلان ڪونه ڪيو ويو. خبر ناهي ته ڪهڙيون مجبوريون کيس سامهون اچي ويون جو اهو اعلان نه ڪيائين يا ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو ويو آهي.
حڪومت کي گھرجي ته، افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي. هي دور ڪرپشن ۽ رشوت جو آهي. لاڳاپيل آفيسر پٺاڻن کان پيسا وٺي ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن. کين ڊوميسائيل به ڏنا پيا وڃن. انهن کي نوڪريون به ملي رهيون آهن. اهو، سلسلو حڪومت کي في الفور بند ڪرڻ گھرجي. جيڪي لکين شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل جاري ٿيا آهن. سي به رد ڪرڻ کپن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته، اسان هر لحاظ کان پوئتي ڌڪجي وينداسون. پوءِ اهو هڪ تاريخي الميو هوندو. پنهنجي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻا پوندا. حڪومت کي ان ڏس ۾ بار، بار سوچڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هاڻ اچون ٿا، حڪومت جي ٻئي اعلان جي طرف. اعلان موجب پي ٽي آءِ جي احتجاج مان پڪڙيل افغان شهرين جي سڃاڻپ ڪري سمورو تفصيل سامهون آندو ويندو. جڏهن ته حڪومت هيءَ دعوا ڪئي آهي ته افغان شهري، احتجاج دوران پڪڙيا ويا آهن. جيڪي هن وقت گرفتار آهن. تن جي سڃاڻپ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو. اها سڃاڻپ گھڻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اها ڪابه خبر ڪونه آهي ۽ نه وري اعلان ۾ اهڙي وضاحت به ڪئي ويئي آهي. هاڻ، قوم کي انتظار آهي ته ڄاڻايل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪڏهن مڪمل ٿيندي ۽ عوام کي ان باري ۾ ڪڏهن ٻڌايو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪن ڌرين جو چوڻ آهي ته اهو به هڪ کوکلو اعلان آهي. تنهن هوندي به، اهو انتظار رهندو ته، حڪومت ان اعلان تي عمل ڪري افغاني پٺاڻن متعلق ڄاڻ ضرور ڏيندي. جنهن سان عوام جو انتظار ختم ٿي سگھي ٿو ۽ پريشاني ۽ مونجهارو پڻ. بهرحال سڄي ملڪ مان بيان ڪيل ماڻهن جي خلاف بيرحم آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اسان انهن ڌارين جي ڪري پنهنجو قومي سرمايو وڃائي رهيا آهيون. قومي نقصان ڪري رهيا آهيون. اميد ته ڄاڻايل ٻنهي اعلانن تي وقت سر عمل ڪيو ويندو. اها قوي اميد آهي ته، حڪومت جا ٻئي فيصلا ملڪ و قوم جي مفاد ۾ آهن. جنهن ڪري حڪومت انهن اعلانن تي عمل ڪرائڻ ۾ دير ڪونه ڪندي.