ڪارڪردگي اهم يا نعرو؟

تحرير: سڪندر چنو ڱ چنو

هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ ڪارڪردگي جي نعري جو مقابلو آهي. هڪ سياسي پارٽي وٽ ڪمزور نعرو آهي ته ٻي وٽ مضبوط نعرو آهي. سياست جو دارومدار ڪارڪردگيءَ تي هوندو آهي. هر سياستدان پنهنجي پارٽي جي حمايت ۾ عوام آڏو ڪارڪردگي جو بيانو کڻي مختلف عوامي ميڙاڪن ۾ ويندو آهي. سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ڪارڪردگي جي نعري سان ووٽ ڪونه ٿو ملي. پر اصل ۾ سياست اندر مڪمل سچ ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڪوڙ جي ملاوٽ نه هوندي ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو ووٽ ملي.

هن وقت ماڻهو جي نفسيات يا کڻي چئجي ووٽر جي نفسيات ڪارڪردگي تي کتل آهي. ووٽر کي ڪنهن سهڻي اميدوار جي سونهن ڪم ڪونه ايندي اصل ۾ ڪارڪردگي تي مختلف سوال اٿندا رهندا آهن ته اميدوار ڪيترو سوشل ورڪر آهي. جيڪو تڪ جي عوام جا اهنج سور ختم ڪري سگهي ٿو؟ پر ڪنهن اميدوار جو جيڪڏهن سياسي نعرو ڪمزور هوندو ته اهو هميشه ڪمزوري واري جاءِ تي ئي بيٺل رهندو.هن وقت پاڪستان اندر هڪ ته قانون نالي ڪا شيءِ ناهي. ٻيو اهو ته هن وقت ملڪي سياست ۾ نعري نالي ڪا شيءِ موجود ئي ناهي. سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته نعرو ڪهڙي نظريي مان ٺهي ٿو يا ڪهڙي ترقي جي ماڊل مان؟ اڄ جي سياست ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ اجايو نعري جو باقي ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي ۽ اجايو نعري ۾ ڪابه طاقت نه رهي آهي. جيڪي سياسي جماعتون ماضيءَ ۾ نظرياتي هجڻ جي سڃاڻپ رکنديون هيون اڄ انهن وٽ ڪوبه نظريو آهي ئي ڪونه. نظرياتي سياست چئبو ڇاکي آ؟ نظرياتي سياست جو مطلب آهي ڪنهن آئيڊيالوجي جي بنياد تي هڪ سياسي نقشو عوام آڏو پيش ڪري ڏيکارڻ. پاڪستان ۾ سواءِ پيپلز پارٽي باقي ڪنهن به سياسي جماعت وٽ  ڪو نظريو ڪونه ٿو ملي.

ملڪ ۾ اڳ موجود پوٽينشل جي نشاندهي ڪئي وڃي. ان جي واڌاري لاءِ هڪ لائحه عمل جوڙيو وڃي. ان طور طريقي سان ملڪ ۾ وڏو ڏوڪڙ ايندو ۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ روزگار جا نوان نوان وسيلا پيدا ٿيندا جنهن سان ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ غربت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي ۽ اڄ ڪلهه اڪثر ملڪ ان طريقي تي هلندي خوشحال آهن.

اسان وٽ عوام جي ترقي لاءِ ڪي به پروگرام نٿا جوڙيا وڃن. نتيجي ۾ پاڪستان اندر غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف يا ورلڊ بئنڪ جيڪي پاران پاڪستان کي جيڪو قرض ملي ٿو ان ۾ به 50 سيڪڙو ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي جنهن سان ملڪ اندر عوام ڏکن، اهنجن، ۽ سورن ۾ آهي. پائلو ڪوئلهو پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته اسين گهڻو ڪري تبديلن کان ڊنل رهون ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي ڪوششن يا قربانين کان پوءِ هن دنيا مان ڪجهه ناهي ورڻو. جڏهن ماڻهن جي صحت بهتر هوندي. ماڻهن کي سٺي تعليم جا موقعا ميسر هجڻ گهرجن. جڏهن ماڻهن کي سٺي صحت ميسر هوندي ته تخليقي صلاحيتون به بهتر ٿينديون ۽ پوءِ ملڪ جو معاشرو ترقي يافته بڻجي سگهندو.

پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت اهڙي نوعيت جو ڪوبه ماڊل موجود ئي ناهي. پاڪستان جي وڏين سياسي پارٽين کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اقتدار مليو آهي. ن ليگ اندر اسان کي ڪوبه ماڊل نظر نه آيو. عمران خان کي به اقتدار مليو اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کي 5 سال مڪمل ڪرڻ نه ڏنا ويا. سوال اهو ٿو ذهن ۾ اڀري ته جيڪڏهن ڪارڪردگي به نه آهي ۽ بيانو به ناهي ته پوءِ آخرڪار ان  جي مقبوليت جو راز ڇا آهي؟

سياسي نعري تي ڪنهن به پارٽي کي ووٽ نه ملندو ڇاڪاڻ ته عوام جي غربت چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي سياست ۾ نظريي جو ڪوبه ڪردار باقي نه رهيو آهي. اڄ ڪلهه جي سياست ۾ صرف جذبو سڀني کان اڳيان اڳيان آهي. اڄ ڪلهه جي سياست بياني کان خالي آهي. ان لاءِ اڄ ڪلهه بيانو مقابلو ڪارڪردگي آهي وارو مقدمو به درست ناهي. ان سان احتجاجي سرگرمين ۾ موجود ماڻهن جي انٽرويوز مان به لڳائي سگهجي ٿو جڏهن ماڻهن کان پڇيو ويو ته اڪثر ماڻهن شخصيت سان محبت ٻڌايو. ماڻهو ادارن ۾ ڪرپشن بابت ڳالهائن ٿا. سو اڄ ڪلهه جي سياست ۾ جيڪو نعرو مشهور آهي اهو آهي ڪارڪردگي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.