ملڪ ۾ هلندڙ هفتي 12 ضروري شيون مهانگيون

اسلام آباد (م ڊ) هلندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ 12 ضروري شيون مهانگيون، 9 سستيون ۽ 30 شين جا اگهه برقرار رهيا. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب، هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.03 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 5.13 سيڪڙو آهي. ڳڻپ کاتي موجب آنا، مسٽرڊ آئل، گيهه، کاڄرو تيل مهانگو ٿيو. ڪڪڙيون، ٽماٽا، چڻن جي دال، مڱن جي دال، ماش جي دال، مسور جي دال ۽ چانور سستا ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.