راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ۾ گرفتاري لاءِ نيب جي ٽيم پشاور مان هٿين خالي راولپنڊي رواني ٿي وئي. گهرو سيڪريٽري کي نيب عملدارن لکت ۾ چيو هو ته هو سندس گرفتاري ۾ سهڪار ڪن. اسلام آباد جي احتساب عدالت غير حاضري جي بنياد تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.