اسلام آباد (م ڊ) يورپين يونين ايئر سيفٽي ايجنسي پاڪستان انترنيشنل ايئرلائن جي يورپ ۾ فلائيٽ آپريشن تان پابندي هٽائي ڇڏي. اياسا جي هوابازي واري وزارت پي آءِ اي انتظاميا کي باضابطا آگاهه ڪيو. ترجمان جو چوڻ هو ته پي آءِ اي انتظاميا قانونن ۽ ضابطن تي عمل ڪندي، پي آءِ اي انتظاميا 4 سالن جي محنت کانپوءِ اها اڳڀرائي ماڻي. يورپين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي نجي ايئرلائن ايئر بليو کي به ٽي سي او جاري ڪري ڇڏيو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته اهو تاريخي ڏينهن آهي، پابندي کڄڻ سان پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ سولائي ٿيندي. هن چيو ته نجي ايئرلائن جون اڏامون به يورپي ملڪن لاءِ شروع ٿينديون. عالمي شهري هوابازي تنظيم جي معيار کي يقيني بڻائڻ سان ڪاميابي ممڪن ٿي. خواجا آصف چيو ته اميد آهي ته پي آءِ اي تي برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به پابندي هٽائي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم بچاءَ واري وزير خواجه آصف، هوابازي واري وزارت، سي اي اي عملدارن ۽ پي آءِ اي انتظاميه کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي ساک مضبوط ٿيندي ۽ ان کي مالي طور به فائدو ٿيندو. قومي ايئر لائن جي ترجمان موجب پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ پي آءِ اي سڀ کان پهرين پئرس لاءِ اڏام هلائيندي. پيرس لاءِ فلائيٽ آپريشن ڪجهه هفتن ۾ شروع ٿي ويندو.