گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ : آزاد مھر+ پريم راٺوڙ ) شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن ۽ وڪيل ڪيس بابت پوليس جاچ رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وڪيل صلاح الدين پنهنور چيو آهي ته پوليس پهرين ڏينهن کان جوابدارن جي ڌر بڻيل هئي جوابدار خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا خارج ڪري چالان پيش ڪيو ويو اسان کي ٻڌڻ بنا چالان منظور ڪيو ويو جنهن خلاف هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪيس جو وڪيل صلاح الدين پنھور, ميرپورماٿيلو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي, جج نه هئڻ ڪري 13 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي، جوابدار اصغر لنڊ کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو, جوابدار عبدالله لنڊ به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هوڏانهن شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس پهرين ڏينهن کان جوابدارن جي ڌر بڻيل هئي ايف آئي آر وارثن جي مرضي موجب داخل نه ڪئي وئي وڪيل صلاح الدين پنھور وڌيڪ چيو ته آء چالان واري ڏينهن عدالت ۾ موجود نه هيس اسان کي ٻڌڻ بنا جلدي ۾ چالان منظور ڪيو ويو جاچ آفيسر طرفان پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا خارج ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين