سويلين جو ملٽري ٽرائل: جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس جسٽس يحييٰ آفريدي سويلين جي ملٽري ٽرائل بابت ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪري ورتو. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 6 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ جسٽس شاهد بلال جي آئيني بينچ ۾ شموليت تي غور ڪيو ويندو. 6 ڊسمبر تي پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري لاءِ به اجلاس رٿيل آهي.

  1. بشريٰ بي بي سان ڪي به اختلاف ناهن، اجائي پروپيگنڊا آهي: گنڊاپور

پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي کي خطاب ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائيندس ته ڇا ٿيو ۽ مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن اهو به چيو ته سندس ۽ بشرا بي بي ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اختلاف جون خبرون رڳو پروپيگنڊا آهن، هن چيو ته سندس مقصد پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ آهي، مٿس بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

  1. وي پي اين رجسٽريشن جي تاريخ وڌائي وڃي: انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز

اسلام آباد (م ڊ) وائرليس اينڊ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ايسوسيئيشن وي پي اين جي رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.چيئرمين وائرليس اينڊ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ايسوسيئيشن شهزاد ارشد گهرو سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيوويو ته رجسٽريشن جي تاريخ ۾ واڌ حڪومت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.