اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا بشري بي بي کي عمران خان جي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران سينيٽر فيصل واوڊا بشري بي بي ۽ عمران خان بابت ڳالهائيندي چيو ته هو پي ٽي آءِ باني جي زندگيءَ لاءِ ڏاڍو فڪرمند آهي، سندس زندگيءَ کي خطرو آهي، جيڪڏهن عمران خان کي بچائڻو آهي ته بشريٰ بي بي مان جند ڇڏائڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين بشريٰ بي بي گڏ آهي، عمران خان جي نه سياست ٿيندي ۽ نه آزادي، بشريٰ بي بي ڪڏهن عمران خان ڌوئنرو کارائي ٿي ڪڏهن ڪا ٻي شئي، هي ماڻهو پي ٽي آءِ باني جي لاش تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا.
Next Post
You might also like