سون يڪدم سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) گذريل ڏينهن لاٿ بعد اڃ وري سون جي قيمتن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 21 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 77 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 18 سئو رپيا واڌ بعد 2 لک 37 هزار 470 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالر اضافي سان 2 هزار 6 سئو 61 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.