اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب اسلام آباد ۾ احتجاجين تي ٿيل تشدد جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيف جسٽس پاڪستان کان اسلام آباد ۾ مظاهرين تي تشدد جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڊي چوڪ تي پُرامن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، معاملي جي مڪمل جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.
ڊي چوڪ آپريشن شروع ٿيڻ بعد پارٽي قيادت جي فرار ٿيڻ واري سوال تي عمر ايوب چيو ته هو، امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي آخر تائين اسلام آباد ۾ موجود هئا پر سنائپرز طرفان فائرنگ شروع ٿيڻ بعد واپسي جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ سيڪيورٽي فورسز اسلام آباد کي پي ٽي آءِ مظاهرين کي خالي ڪرائڻ لاءِ گرينڊ آپريشن ڪيو، آپريشن شروع ٿيندي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي موقعي تان فرار ٿي ويا ۽ ٻيا ڪارڪن به هليا ويا هئا.