طاقت ۾ سڀ کان پهريون نمبر، انيڪ فائدن وارا داڻا!

کاڌن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته کائڻ ۽ پيئڻ جون مختلف شيون آهن ۽ انهن ۾ مختلف فائدا به رکيل آهن، پر دنيا اندر کاڌن ۾ ڪو اهڙو کاڌو موجود ناهي جنهن ۾ طاقتور جُز، لونگن کان وڌيڪ هجن.لونگ دنيا جي هر کاڌي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقت ڏيندڙ آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته لونگ گرم هجڻ جي تاثير وارو تاثر سائنسي طور تي ثابت ناهي، ها انهن ۾ يوجينيول نالي مرڪت انهن جي ذائقي کي تيز ڪندو آهي جنهن جي ڪري اهو ماڻهوءَ جي زبان تي تيز اثر ظاهر ڪري ٿو.

لونگ طاقت جو بهترين ذريعو آهن، لونگن کي سڌيءَ ريت استعمال ڪرڻ سان گڏ انهن جو ڪاڙهو ٺاهي به استعمال ڪجي ته تمام گهڻي جسماني طاقت ماڻي سگهجي ٿي.

لونگ جي شروعات يا پيدائش انڊونيشيا آهي جتان کانپوءِ اهي دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهتا، نه رڳو اڄوڪي دور ۾ پر ڪيتريون ئي صديون اڳ لونگن کي کاڌن سميت طب جي دنيا ۾ وڏي مقدار ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. هندي، يوناني، چيني ۽ اسلامي دنيا ۾ لونگن کي قدرتي دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي.

لونگن ۾ طاقت سان گڏ موجود ٻين فائدن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

هوڙن ۽ ڏندن جي سور مان جند ڇڏائڻ لاءِ لونگ ۽ لونگ جو تيل هڪ ٽِپ ثابت ٿيندو آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي هوڙ، ڏندن يا مهارن ۾ سور هجي ته ان جاءِ تي لونگ کي رکي ڏندن سان دٻائجي ته ٿوري ئي دير ۾ هوڙن، ڏندن ۽ مهارن جو سور ختم ٿي ويندو.

لونگ پيٽ جي مختلف تڪليفن، گيس ۽ هاضمي جي خرابي کي ختم ڪرڻ لاءِ به تمام فائديمند ثابت ٿيندا آهن، لونگن جو استعمال پيٽ جا مڪمل مسئلا حل ڪندو آهي.

لونگن ۾ سوڄ خلاف خاصيتون به موجود آهن اهو ئي سبب آهي ته انهن جو استعمال جسماني سور، ٿڪاوٽ ۽ سوڄ کي گهٽائڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندو آهي.

هڪ تحقيق موجب ته لونگ جي استعمال سان ڪجهه قسمن جي ڪينسر کان به تحفظ ملندو آهي ۽ لونگ ڪينسر جي جراثيمن کي بي اثر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

تنهن باوجود به لونگن جو تمام گهڻي مقدار ۾ استعمال ممڪن آهي ته ڪو نقصان ڇڏي، انڪري هڪ ڏينهن ۾ رڳو ٻه لونگ ئي استعمال ڪرڻ گهرجن.

صبح جو لونگن جو ڪاڙهو پيئڻ سان انهن جا فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.