نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپرم ڪورٽ سنڀل ۾ شاهي مسجد واري معاملي تي مقامي عدالتن کي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مسجد ڪميٽي طرفان عدالت جي سروي واري حڪم کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست دخل ڪئي وئي هئي.
جنهن تي سپريم ڪورٽ حڪم جارفي ڪندي چيو ته مسجد ڪميٽي کي قانوني حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران چيو ته عدالت چاهي ٿي ته علائقي ۾ امن امان برقرار رهي.
واضح رهي ته سنڀل ۾ شاهي مسجد جي جاءِ مندر هجڻ جي دعويٰ تي ٿيل سروي بعد پُر تشدد واقعي ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
You might also like