موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ بابت اهم اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جي آمد جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائون بلوچستان ۽ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ اڄ کان ٻه ڊسمبر تائين اثر اندز ٿي سگهن ٿيون ۽ چار ڊسمبر کانپوءِ گرمي پد گهٽجڻ شروع ٿي ويندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو سسٽم ملڪ مان نڪرڻ تي ٿد جي لهر ملڪ تي اثراندز ٿي سگهي ٿي جنهن کانپوءِ چار ڊسمبر کان گرمي پد گهٽجڻ شروع ٿي ويندو، جڏهن ته ڪوئيٽا کان گهلندڙ هوائون شهر ٿڌ ۾ واڌ جو سبب بڻجنديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چار ڊسمبر کان پارو 16 کان 17 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪراچي ۾ به چار ڊسمبر کان رات جو گرمي پد ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي ويندي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سيارو عام طور تي پندرنهن ڊسمبر کان شروع ٿيندو آهي جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي پد رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.