ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سُندري شلپا شيٽي جو مڙس ۽ مشهور ڪاروباري شخصيت راج ڪُندرا هڪ ٻئي تڪرار جي ور چڙهي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ( اي ڊي ) راج ڪندرا جي گهر ۽ آفيس سميت مختلف جيان تي ڇاپا هنيا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، اي ڊي طرفان اِها ڪارروائي مني لانڊرنگ جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪئي وئي، جيڪا مبينا طور فحش فلمن ۽ مواد جي تياري ۽ موبائيل ايپليڪيشنز جي ذريعي ان جي ورڇ بابت آهي.
اي ڊي اختيارين موجب، ان معاملي ۾ راج ڪندرا جي ڪجهه ساٿين جي ٺڪاڻن جي به تلاشي ورتي پئي وڃي جڏهن ته جاچ جو مقصد غير قانوني ڪاروبار ۾ شامل ماڻهن ۽ فنڊن جي ذريعن جو پتو لڳائڻ آهي.
ياد رهي ته شلپا شيٽي کي مڙس راج ڪندرا پهريان به فحش فلمي مواد جي تياري ۽ ورڇ جي الزامن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، جنهن کي بعد ۾ عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.
You might also like