پوني (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مقامي ٽيمن وچ ۾ ميچ دوران نوجوان ڪرڪيٽر دل جو دورو پوڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو.
خميس جي ڏينهن ڀارتي شهر پوني جي گرواري اسٽيڊيم ۾ ميچ دوران 35 ورهين جو ڪرڪيٽر عمران پٽيل دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
عمران پٽيل پنهنجي ٽيم لاءِ اوپنر طور بيٽنگ ڪرڻ ۽ پچ تي ڪجهه وقت گذارڻ بعد هن سيني ۽ ٻانهن ۾ سور جي شڪايت ڪئي.
هن آن فيلڊ امپائرز کي معاملي کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ميدان ڇڏڻ جي اجازت ڏني وئي، ميچ جي لائيو اسٽرينمگ دوران اِهو سمورو واقعو رڪارڊ ٿي ويو.
عمران جي ڪِرندي ئي ميدان ۾ موجود ٻيا رانديگر هُن ڏانهن وڌي آيا ۽ کيس فوري ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته عمران هڪ صحتمند ڪرڪيٽر هو ۽ جسماني طور پڻ تندرست هو، عمران پٽيل پونئرن ۾ زال ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
You might also like