دبئي (ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ۽ وينيو بابت آءِ سي سي بورڊ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت غور ويچار لاءِ سڏايل اجلاس پندرنهن منٽن بعد ئي ملتوي ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت، آءِ سي سي سان گڏجي ايونٽ لاءِ هڪ قبول ڪرڻ جوڳو آپشن ڳولڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ڀارتي هوڏ ۽ پاڪستان جي مضبوط موقف کانپوءِ آءِ سي سي طرفان چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت ويچارڻ لاءِ اڄ بورڊ اجلاس سڏايو ويوم جنهن ۾ شروعاتي مشاورت بعد طئي ٿيو ته پاڪستان ۽ ڀارت آءِ سي سي سان گڏجي هڪ اهڙو آپشن ڳولين جيڪو سڀني کي قبول هجي.
ذريعن موجب، ميگا ايونٽ جي ميزباني ۽ وينيو تي مشاورتي عمل ۾ ٻه کان ٽي دوست بورڊز به شامل ٿي سگهن ٿا، اِهو عمل 24 کان 48 ڪلاڪن اندر مڪمل ڪيو ويندو.
You might also like