پي ٽي آءِ تي پابندي جي حمايت ڪيون ٿا، عوامي نيشنل پارٽي جو اعلان

چارسده (ويب ڊيسڪ ) عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي ) جي صدر ايمل ولي پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي جي حمايت ڪري ڇڏي.
جارسده ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪندي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايمل ولي خان چيو ته هو پي ٽي آءِ تي پابندي جي حمايت ڪري ٿو، پي ٽي آءِ غير جهموري رويو رکي ٿي.
هن چيو ته نوَ مئي ۽ 24 نومبر وارا واقعا پي ٽي آءِ تي پابندي جو بهترين جواز آهن، پر گورنر راڄ مسئلي جو حل ناهي، گورنر راڄ سان رڳو انا ۽ ضد پورو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت بعد گورنر راڄ جو فيصلو ڪندو.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪندي چيو ته هن وقت صوبي ۾ باهه ٻريل آهي پر صوبائي حڪومت کي اسلام آباد ۾ باهه لڳائڻي آهي.
هن چيو ته امن امان ۽ صوبائي حڪومت بابت سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، صوبائي حڪومت باني کي ڇڏائڻ لاءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪري رهي آهي، احتجاج دوران پي ٽي آءِ جو ڪو به ليڊر گرفتار نه ٿيو ۽ پنجاب مان ڪو ناهي نڪتو.
هن اعلان ڪندي ٻڌايو ته پنج ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي رهي آهي، صوبي کي دهشتگردي جي حوالي ڪيو ويو، امن امان بابت وفاقي حڪومت سان به ڳالهايو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان امن قائم ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.