اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪِ انصاف فتنو قرار ڏيندي چيو آهي ته وڳوڙي جٿي۽ ٽولي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن.
اسلام آباد ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هوته هي وفاق تي ٽِين، چوٿين چڙهائي آهي، اهڙي ناپاڪ ارادي بابت 2014ع کان اڳ ڪو سوچي به نٿي سگهيو، ڊي چوڪ تي 126 ڏينهن پاڪستان جي بدنامي ۽ معيشت جي تباهي ڪئي وئي ۽ ڌرڻي سبب چيني صدر جو پاڪستان دورو ختم ڪيو ويو .
هن چيو ته بيلاروس جي صدر جوش جذبي سان دورو مڪمل ڪيو، ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي هنن( پي ٽي آءِ ) چڙهائي جي ڪوشش ڪئي، پاڪستاني معيشت کي اهڙو گهاوَ لڳو جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهي، جٿي تباهي ڪئي، چار رينجرز ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو.
سندس چوڻ هوته هاڻي اڳتي وڌڻ جو موقعو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا مان هڪ جٿو اسلام آباد تي حملو ڪرڻ آيو هو، احتجاج ۽ ڌرڻن سبب پاڪستان جي معيشت کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، دنيا جي آڏو جيڪو تماشو بڻايو ويو اِهو لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهڙي ناپاڪ سوچ ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ ناهي ڏٺي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻي آهي ڀلي پارا چنار ۾ رت جون نديون وهنديون رهن.
هن چيو ته آڪٽوبر ۾ چيني وزيراعظم جي دوري دوران به احتجاج ڪيو ويو، ان کان وڏي ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿيندي؟ هنن کي ڪو احساس ناهي ته دوست ملڪن هتي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، سندن هڪ ئي ايجنڊا آهي پاڪستان کي تباهه ڪيو وڃي.
شهباز شريف حڪم ڏنو ته هي سياسي پارٽي نه فتنو آهي، وڳوڙي جٿي ۽ ٽولي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃڻ.
پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه فتنو آهي، وزيراعظم جو وڳوڙي ٽولي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
You might also like