زيتون جا پَن قدرت جو عظيم تحفو، سولي طريقي سان وڏا مسئلا حل!

قدرت هر هڪ شيءِ ۾ انسان جي لاءِ ڪو نه ڪو فائدو رکيو آهي ۽ اسان قدرت جي مختلف شين جي مختلف فائدن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي آگاهه ڪندا رهندا آهن جن مان ڪيترائي ماڻهو فيض ياب به ٿيا آهن اهو ئي سبب آهي ته عوامي آواز جي صحت واري ڊپارٽمينٽ جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي ۽ اسان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ نج تحقيق جي بنيادن تي ٻين شين جا فائدا به آڻي سگهڻ جي قابل بڻجون ٿا.

اهڙي روايت کي برقرار رکندي اڄ اسان اوهان لاءِ زيتون جي پنن (olive leave) جي ڪجهه فائدن بابت ٻڌائينداسين جن بابت شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي.

زيتون قدرت جي تحفن مان هڪ خاص تحفو آهي جنهن کي هزارين سالن کان وٺي انسانيت جي صحت توڙي خوبصورتي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

زيتون جي وڻ جي مختلف پراڻي مذهنب، تهذيبن ۽ ڪهاڻين ۾ وڏي اهميت ۽ برڪت آهي ان وڻ کي امن جي علامت به سمجهيو وڃي ٿو. زيتون جا پن نه رڳو خوبصورتي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿين ٿا پر صحت جو به وڏو خزانو آهي. هن وقت تائين ڪينسر جي مختلف قسمن ۽ ان جي علاج تي جيڪي به تحقيقون ٿيون آهن انهن ۾ ڪنهن هڪ ۾ زيتون جي فائدن کان انڪار ناهي ڪيو ويو، زيتون جي پنن جي ڪا هڪ خاصيت به ناهي جنهن کي صحت جي فائديمند جزن ۾ شامل نه ڪيو ويو هجي.

زيتونن جي پنن ۾ اوليوروسن ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جو ججهو مقدار هوندو آهي جيڪي جسم جي مدافعتي قوت کي وڌائن ٿا، بلڊ پريشر ضابطي ۾ رهي ٿو ۽ اهي دل جي صحت لاءِ به انتهائي فائديمند آهن.

هڪ سائنسي تحقيق موجب زيتون جا پَن رت ۾ شگر جي مقدار کي متوازن رکڻ ۾ مددگار آهن ۽ مختلف وائرسز کان بچائڻ لاءِ قدرتي دوا طور استعمال ڪري سگهجن ٿا.

زيتون جي پنن کي گهوٽي انهن جو پائوڊر ٺاهي به انهن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته انهن جو ڪاڙهو ٺاهي به استعمال ڪيو ويندو آهي. زيتون جي پنن مان ٺهيل ڪاڙهو روزانو پيئڻ سان جسم کي تازگي ملندي آهي، وزن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ ماڻهو تڪڙي ڪراڙو ٿيڻ واري عمل کي روڪي سگهي ٿو.

تاريخي حوالي سان ڏسجي ته مصري، يوناني ۽ رومي ماهر زيتون جي پنن کي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪندا هئا.

اهو ئي سبب آهي ته صحت جا ماهر زيتونن جي پنن کي زندگيءَ جو اهم راز سڏيندا آهن، زيتون جي پنن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ سان هڪ زندگي کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو.

زيتون جا فائدا ايترا آهن جو قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ زيتون جو قسم کنيو آهي ۽ باقاعدا طور زيتون توڙي انجنير جي مقدار بابت به وضاحت ٿيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.