ڀارت جي سازش، چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ۽ وينيو بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، آءِ سي سي اجلاس ملتوي

دبئي(ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ۽ وينيو بابت اڄ رٿيل آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اڄ رٿيل آءِ سي سي بورڊ اجلاس مختصر رهيو ۽ اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ ڌرين طرفان تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ سڀاڻي تفصيلي اجلاس ۾ تجويزن تي مشاورت ٿيندي.
هائبرڊ ماڊل واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تي قائم رهيو، پاڪستان پنهنجي موقف بابت بريفنگ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي بابت قبول ڪرڻ جوڳو فارمولو سڀاڻي تائين سامهون اچڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت اڄ آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ فيصلو ٿيڻو هو.
ٻئي پاسي ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار معاملو مُنجهائي ڇڏيو آهي، پي سي بي جو چوڻ آهي ته هائبرڊ ماڊل تحت نيوٽرل وينيو تي ڀارت سان ميچ قبول نه آهي.
ذريعن موجب، ڀارت مڪمل طور تي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان مان ٻاهر ڪرائڻ تي لابنگ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پي سي بي به ڀارتي حربا ناڪام بڻائڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪو به غير مشروط آپشن قبول نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.