ابوظهبي (م ڊ) صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري دبئي ۾ يو اي اي جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي، جنهن جي وڊيو آصفه ڀٽو شيئر به ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات اعزاز جي ڳالهه آهي، شيخ رشيد المڪتوم محترمه بينظير ڀٽو سان ٿيل خوشگوار ملاقات کي ياد ڪيو، شيخ رشيد المڪتوم ٻڌايو ته کيس اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن مان ۽ منهنجا ڀاءُ ڀيڻ ننڍا هئاسين.