چئون آخر ڪنهن کي ڪنهن جو در کڙڪايون، ڪير آهي جو مظلوم عوام جو درد سمجهي سگهي اسان پاڪستان ٺهن کان وٺي هن مهل تائين رڳو سورن ۾ ڇو آهيون، ڇو نٿا اسان جي ملڪ جون حالتون سڌرن.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد کي ته ڄڻ يرغمال بڻائي رکيو ويو آهي. عام ماڻهو جي زندگي انتهائي مشڪل ۾ پڻجي وئي آهي، هر طرف کان رستا بند هجڻ ڪري نه ٻار اسڪول ٿا وڃي سگهن نه ئي وڏا آفيس ٿا وڃي سگهن وري اوچتو اسڪول بند امتحان هلندي ٻارن کي پريشان ٿا ڪري ڇڏين.
مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تعليمي ادارن کي بند ڪري هي حڪمران يا سياستدان اسان کي ڇا ٿا ٻڌائڻ چاهن. ٻيو ته ٺهيو پر يونيورسٽي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کان هاسٽلون پڻ خالي ڪرايون ويون. هڪ رستا بند مٿان وري انهن شاگردن کي هاسٽل مان ڪڍي ڇڏين جيڪي سيءَ ۾ پنهنجن ماڳن ڏانهن مشڪل سان پهتا هوندا.
ڇا ڪو به ملڪ ايئن ترقي ڪري سگهي ٿو جيئن اسان وٽ ٿو ٿئي. مستقبل جا معمار گهرن ۾ قيد، سياست دان هڪ ٻئي سان دشمني ۾ پورا لڳا پيا آهن پارليامينٽ جا معاملا پارليامينٽ تائين ئي رهڻ گهرجن، ڪيس ڪورٽن تائين ھجن پر امن احتجاج جي نالي تي ڀڃ ڊاهه ڪٿان جي سياست آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳيان مڇريل ماڻهن پٿرن ۽ ڏنڊن سان ڪهڙو پيغام ٿا ڏين. افسوس اسان جو ملڪ الائي ڪهڙي پاسي پيو وڃي جتي ڪو به ماڻھو محفوظ ناهي هتي وس وارن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري ملڪ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو جڪومتون ائين ناهن هلنديون، ڪنهن کي تڪليف ۾ وجهي ڪنهن جا رستا بند ڪرڻ صحيح ناهي. اسان ته ايمبولينس کي پري کان ڏسي رستو ڏيندا آهيون اهو سوچي ته ڪٿي ڪو سيريس مريض نه هجي پر گادي واري شهر ۾ مريض ته پري پر عام مسافر پڻ پريشان آهن. جهاز تان لهڻ کان پوءِ کين ڪا ٽيڪسي نٿي ملي اهڙيون پابنديون آخر ڪيستائين؟؟