بلاويو (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر محمد رضوان ٽيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ماضيءَ جون ناڪاميون وساري اڳتي وڌڻ جي اهميت تي زور ڏنو .
زمبابوي کي ٻي ون ڊي ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته هو ٽيم جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي.
هن چيو ته رانديگرن کي چيو ته جيڪو گذري ويو وساري ڇڏيو، ٻي ون ڊي ۾ رانديگرن ذميواري جو مظاهرو ڪري بهتر شروعات فراهم ڪري ڪاميابيءَ جا بنياد وڌا.
هن چيو ته زمبابوي خلاف ٻي ون ڊي ۾ ابرار احمد زبردست بالنگ ڪئي هو باصلاحيت بالر آهي، بدقسمتي سان هو زخمي ٿي پيو ۽ کيس وڌيڪ موقعا نه ملي سگهيا.
اوپنر صائم ايوب جي واکاڻ ڪندي پاڪستاني ڪپتان سنندس اننگز کي غير معمولي قرار ڏنو.
Next Post
You might also like