لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سموگ جي خاتمي لاءِ موٽر سائيڪل سوارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
ٽرانسپورٽ کاتي سمورين موٽر سائيڪلن کي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو اڌ خرچ حڪومت برداشت ڪندي، پراڻي پيٽرول بائيڪ کي اليڪٽرڪ بائيڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
تيار ڪئي ويندڙ بائيڪ جي يو اي ٽي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کان ٽيسٽنگ ڪرائي پئي وڃي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاب جون رجسٽرڊ اڌ بائيڪس به اليڪٽرڪ تي منتقل ٿي وڃن ته گدلاڻ جي شرح گهٽجي ويندي.
ٽرانسپورٽ کاتي موجب آڪٽوبر کان جنوري تائين پيٽرول بائيڪس کي بيٽري تي هلرايو ويندو، منتقلي تي ايندڙ خرچ جو اڌ حصو ٽرانسپورٽ کاتو ادا ڪندو.
ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ سان پنجاب ڪلين ايئر پروگرام تي ورڪنگ جاري آهي ۽ ان منصوبي لاءِ فنڊ به رکيا ويا آهن.
You might also like