ڊيلٽا جي ابتريءَ جا پاڪستان کي ٿيندڙ اقتصادي نقصان

تحرير: محمد احسان لغاري

دنيا ۾ دريائن جون ڊيلٽائون، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ انهن سان لاڳاپيل سماجي، اقتصادي، ماحولياتي ۽ پائيداريءَ جي سائنس ۽ انتظام جي لحاظ سان انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. ڊيلٽا درياهه  جي (سمنڊ ۾) ڇوڙ وارو علائقو ۽ ان سان گاڏڙ جيڪا لٽيل ۽ زرخيز ايراضي (علائقو) ٿئي ٿو، ان کي چئجي ٿو. سنڌ جا چار ئي سامونڊي ضلعا: ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين، تن جو مختلف ڪريڪن وارو علائقو، تمر جا ٻيلا، انهن جو مٿانهون ڪچو، واهڙ، ڍنڍون ۽ نئون ڪيل پڪو ٿلهي ليکي سڀ ان ڊيلٽا جو حصو آهن. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ۽ لٽ جو تمام گهٽ وڃڻ يا سال جي ٻارنهن مهينن مان صرف هڪ کان ٽن مهينن تائين وڃڻ ۽ تاريخي طور تي هر گذرندڙ سال ۾ جو معيار  ۽ مقدار گهٽجڻ، سنڌ ۽ پاڪستان جي ان اهم جاگرافيائي علائقي کي باقي سنڌ ۽ پاڪستان کان گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

دنيا جون سڄاڻ قومون ۽ ملڪ گڏيل ۽ شموليت واري ترقيءَ کي اڳتي وڌائيندا آهن، يعني ملڪ جا مڙيئي علائقا ترقي ڪن، خاص ڪري جيڪي پُٺتي پيل علائقا آهن، انهن کي ترجيح ڏئي رٿابندي ۽ عمل ذريعي ترقيءَ جو حصو بڻايو ويندو آهي. ملڪ، صوبا، صوبن اندر ضلعا، شهري ۽ ٻهراڙي وارا ۽ شهرن جي اندر ’امير‘ ۽ ’غريب‘ علائقا جيڪڏهن انهن جي ورڇ وڌندي وڃي ۽  بنيادي انساني ضرورت جون سهولتون پڻ ڪن علائقن ۾ وافر هجن ۽ ڪن ۾ هجن ئي نه، ته پوءِ سمجهڻ کپي اتي شموليت واري ۽ گڏيل ترقيءَ جو تصور ڪمزور آهي. اسان جو ملڪ پڻ انهن پوئتي پيل ملڪن ۾ آهي، جتي ترقيءَ جو محور ”شموليت“ کان گهڻو پري آهي. ان ڪري، اسان وٽ نه صرف درياهه جي مٿاهين وارن حقدارن (اپر ريپيرين) طرفان هڪ سوال سامهون ايندو آهي ته ”سمنڊ ۾ پاڻي کي ڇڏيون، پر اسان زمينون آباد نه ڪيون؟!“ پر اِهو ساڳيو سوال سنڌ جي اندر مٿاهين وارن زميندارن طرفان پڻ اُٿندو آهي! ترقي ضرور ڪجي پر ڪنهن به علائقي کي پوئتي ڌِڪڻ جي صُورت ۾ بلڪل به نه! سمجهڻ کپي ته جيڪڏهن سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو پوئتي ويو آهي، ان جو نقصان پوري پاڪستان جو نقصان آهي!

دنيا جي ٻن اعليٰ يونيورسٽين، لُنڊ (سويڊن) ۽ يُوٽريڪٽ (نيدرلينڊ يا هالينڊ) تازو ئي(2023) دنيا جي 49 دريائي ڊيلٽائن تي هڪ اهم تحقيق ڪئي آهي.انھن سائنسي ۽ تحقيقي بنياد تي ٻڌايو آهي ته خراب ماحولياتي طرز حڪمراني، (انوائرمينٽل گورننس) ۽ وڌندڙ آبادي، انهن ڊيلٽائن لاءِ موسمي ڦيرگهير (ڪلائمينٽ چينج) کان به وڏا خطرا آهن. آسان لفظن ۾ ته موسمي ڦيرگهير جي اثرن کانسواءِ ئي اسان پنهنجي ڊيلٽائن جو ’ترقيءَ جي نالي‘ تي ايڏو وڏو نقصان ڪيو آهي جو انهن جو مستقبل ۽ پائيدار ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ جا حدف ۽ مقصد گولز ۽ ٽارگيٽ اسان کان گهڻا پري ٿي ويا آهن. ان ڪري انهن ڊيلٽائن جي ابتري ۽ تباهي جو وزن موسمي ڦيرگهير تي نه ٿا وجهي سگهون. ان ئي تحقيق مطابق ته انهن ڊيلٽائن ۾ اڌ ارب کان وڌيڪ انسان رهن ٿا. اهي ڊيلٽائون ماهيگيري، زرخيز ايڪو سسٽم، اهم زراعت (مالوندن سان گڏ) ۽ ٻين اهم روزگارن جو وسيلو آهن. دنيا ۾ انهن ڊيلٽائن ۾ ننڍا وڏا شهر پڻ آباد آهن. ان تحقيق مطابق سڀ کان وڌيڪ خطرو آفريقا ۽ ايشيا جي ڊيلٽائن کي آهي. ان سان لاڳاپيل هڪ ٻي تحقيق ۾ ڇپيل آهي ته ”اسان کي وسري ويو آهي ته فطرتي درياه ڪيئن هوندا آهن!“

”ڊيلٽائون پنهنجي زرخيز پيداواري زرعي زمينن ۽ پاڻيءَ جي رستن ذريعي، وسيلن تائين پهچڻ جي سهولتن جي ڪري، کاڌي جي ضرورتن (۽ سلامتي) ۽ عالمي وڻج واپار لاءِ اهم علائقا هونديون آهن، پر ڊيلٽائن لاءِ تمام گهڻا جوکم (اڏيل) آهن. سمجهڻ کپي ته ڊيلٽا وارو علائقو، هيٺاهين وارو هوندوآ هي، ان ڪري سامونڊي چاڙهه اُتي اچڻ ڏکيو ڪونهي…“ ڊيلٽائون مِٺي پاڻي ۽ سامونڊي لهرن جو هڪ اهم ميلاپ آهن. دريائي لٽ  ۽ پاڻي ان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ فعال ايڪو سسٽم ۽ زرخيز ٻنيون، مڇي، تمر ۽ ٻيا وسيلا پروان چڙهندا آهن!“

سنڌوءَ جي ڊيلٽا کي پوئتي ڌڪڻ جا بئراجن ۽  ڊئمن کان اڳ واري تاريخ کي گهڙي کن لاءِ پاسي تي ڪيون ٿا. بلڪه ڊئمن ٺهڻ (منگلا 1967، تربيلا 1976) کان پوءِ واري اهم عنصر کي به ڪنڊائتو ڪندا اچن 1991 واري ڪارڊ تي پهچون ٿا، جنهن ۾ چيل آهي ته ”ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي کي ڇڏيو وڃڻ ضروري آهي، سنڌ جو موقف آهي ته ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي، ضرورت ان کان وڌيڪ يا گهٽ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق ڪري ڏسبو ته ڪيتري پاڻي وڃڻ جي گهرج آهي….“ ان جي نتيجي ۾، اِها ڳالهه سڀن کي خبر آهي ته ٻه عالمي تحقيقون ٿي چُڪيون آهن، جن مان هڪ تحقيق مطابق لٽ واري پاڻي جي پهچ کي ممڪن ڪرڻ لاءِ پنجن سالن ۾ هڪ دفعو (گهٽ ۾ گهٽ) پنجويهه ملين ايڪڙ فوٽ ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ ضروري آهي.

ٻي تحقيق ماحولياتي وهڪري لاءِ ٻڌائي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ روز جي بنياد تي 5000 ڪيوسڪ جو وهڪرو سال جا 365 ڏينهن، چوويهه ڪلاڪ، سٺ منٽ ۽ سٺ سيڪنڊن ۾ وهڻ گهرجي. ايم اي ايف پاڻي جو مقداري (واليم) وارو انگ/يونٽ آهي، جڏهن ته ڪيوسڪ وهڪري جو انگ/يونٽ آهي. هڪ ڪيوسڪ معنيٰ فوٽ ڪيوب في سيڪنڊ. يعني جيڪڏهن هڪ پاڻيءَ جو دٻو جيڪو هڪ فوٽ ويڪرو، هڪ فوٽ جي ڊيگهه ۽ هڪ فوٽ جي اوچائي جو هجي ۽ هر گذرندڙ سيڪنڊ ۾ هاربو/وهندو رهي ته اُهو هڪ ڪيوسڪ جو وهڪرو ٿيو. هاڻ ان 5000 ڪيوسڪ کي جڏهن پوري سال لاءِ ڪٿينداسين ته جواب 3.6 ايم اي ايف ايندو. 25 ملين ايڪڙ مان هر سال پنج ۽ هي ٽي ڏهائي ڇهه ايم اي ايف جوڙ ڪنداسين ته ڪل 8.6 ٿيندو! يعني هر سال ايترو پاڻي ڊيلٽا ڏانهن وڃڻ کپي، پر ان ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻ ضروري آهي ته ان ۾ 5000 ڪيوسڪ روزانو کپي. تحقيق ٿيڻ کي ويهه سال ٿي ويا آهن ۽ 1991 واري معاهدي کي چوٽيهه سال ٿيا آهن. ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌ جو هي حق اڃا تائين تسليم نه ڪيو ويو آهي.  جيڪڏهن انگن اکرن جو جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ڪو به هڪ سال اهڙو ناهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5000 ڪيوسڪ پاڻي روز جي بنياد تي ويو هجي. پوين 24 سالن مان ڏهه سال اهڙا آهن، جنهن ۾ 8.6 کان پاڻي گهٽ ويو آهي.

”لِونگ انڊس“ ”جيئري سنڌو“ گڏيل قومن جي پاڪستان جي آفيس، حڪومتِ پاڪستان جي موسمي ڦيرگهير/ڪلائمينٽ چينج“ جي وزارت طرفان جاري ڪيل (2022) هڪ اهم رپورٽ آهي. ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي ابتري (ڊيگريڊيشن) جي ڪري پاڪستان کي هر سال ٻه بلين آمريڪي ڊالرن جو نقصان ٿو ٿئي“ (صفحو 7). يعني هر سال پاڪستان کي اقتصادي طور تي پاڪستان 550 اربن جو نقصان ٿئي ٿو. شايد حڪمران ۽ طرز حڪمراني صوبائي ۽ خاص ڪري مرڪزي سطح تي ان نقصان کي پنهنجو نقصان نٿا سمجهن! سمجهڻ کپي ته هي ڳالهه هوا ۾ ڪونه ڪيل آهي. ان ڳالهه جو تحقيقي پيرو کڻنداسين ته عالمي بئنڪ جي هڪ اهم عالمي تحقيق ”پاڪستان گيٽنگ مور فرام واٽر. پاڻيءَ مان وڌيڪ (فائدو) حاصلات تائين“  2019 ۾ پڌري ڪئي وئي، جنهن جي 19 صفحي تي اسان کي ان جا تفصيل ملن ٿا… ”صرف سنڌ ۾ ماحولياتي ابتري/تباهي جي ڪري سنڌ جي جي ڊي پي GDP جو چار کان ڇهه سيڪڙو (جيڪو ڪيترائي ارب ٿيندو) نقصان ٿئي ٿو. ان ۾ سم ۽ ڪلر جي واڌ ويجهه، ڊيلٽا جي ايڪو سسٽم جي ابتري، تمر زرعي زمين، ماهيگيري ۽ ٻين وسيلن جي تمام گهڻي گهٽتائي شامل آهي. ان ۾ لاڙ ۾ سماجي نقصان، روزگار جي گهٽتائي جي ڪري گٽڪو ۽ ٻيون خطرناڪ عادتون، غربت، بيماري، بُک، موت ۽ ٻارن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ اسٽنٽنگ (عمر جي لحاظ کان قد ۽ بت جو نه وڌڻ.. ۽ ان جا ذهني واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر) جو ته ڪاٿو انھن اقتصادي انگن اکرن ۾ شامل ئي ناھي! ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي سوچ آهي ته ڊيلٽا کي پوئتي ڌڪڻ ۾ خير آهي، اُتي روزگار جي ڪمي ۽ غربت سان ڇا ٿو ٿئي، سو پڪ سمجهو ته اِها سوچ هڪ خوشحال پاڪستان جي خلاف آهي.

ڊيلٽا کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي اهم قدم اڻٽر آهن، هڪ ته جيڪو پاڻي 8.6 ايم اي ايف ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻو آهي، ان کي هر حال ۾ ممڪن بڻايو وڃي. ان ۾ 5000 ڪيوسڪ روز جي بنياد تي ڇڏڻ لازمي آهن. هڪ ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ”وڌيڪ ڊئم ٺاهڻ کانسواءِ اهو ممڪن ڪونهي“، اِهو بلڪل غلط آهي، جيڪو به پاڻي موجود آهي، ان مان ئي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڏنو وڃي. ٻيو اِهو ته ان علائقي کي ”وڏا ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ طبعي وسيلا (جن مان ملڪيت ٺاهي وڃي) نه سمجهن بلڪه لاڙ جي ماڻهن جي گڏيل ترقيءَ جو بنياد سمجهي ڪم ڪيا وڃن. اُتي ڊرينيج جو سرشتو بهتر بڻايو وڃي (سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪجهه اهم پراجيڪٽ ڪري رهي آهي). ٽيون اهو ته هڪ مربوط پاڻي جي انتظام ڪاري ڪئي وڃي. چوٿون اُتان جي ماڻهن جي سماجي، سياسي ۽ ماحولياتي حيثيت کي تسليم ڪري قدم کنيا وڃن. ان ڏس ۾ جيڪي عالمي تحقيقون ڪيل آهن ۽ رايا ڏنل آهن، انهن تي عمل ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.