مذهبي انتهاپسندي کي همٿائڻ جا خوف ناڪ نتيجا

تحرير: ورثا پيرزادو

پاڪستاني رياست جو بنياد مذھبي عقيدي سان ڳنڍيل آھي جنھن تي عالمي سطح تي تنقيد پڻ ٿي چڪي آھي ته مذھب جي بنياد تي رياست ڪيئن پئي ھلي؟. مولانا ابوالڪلام آزاد پنھنجي ڪتاب ۾ پڻ اڳڪٿي ڪئي ھئي  ته مذھب جي نالي ٺھيل رياست گھڻي نه ھلندي. ھن رياست ۾ مسئلا ته شروعات ۾ ئي نظر آيا پر استحصال ۽ جبر سان دٻايو ويو. ھاڻي بظاهر ائين ٿو لڳي ته "مذھبي انتهاپسندي” ئي ان جي ڳچي ۾ پئي آھي ۽ رياست ڏاڍي خراب ڦاٿي آھي.

مذھب جي نالي تي ماڻھو قتل ٿيندا رھيا جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي ته آخر ڇو ماڻھو انسانيت کان ڪري پيا آھن ھاڻي ته سنڌ ۾ به ذاتي معاملن تي توھين مذھب جا الزام لڳي رھيا آھن. اھا ڀوائتي صورتحال آھي. اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان کان سبق ملي ٿو ته جڏھن مذھبي انتھاپسندي ذريعي اقتدار حاصل ڪري  ته ڪھڙو حشر ٿيندو آھي.

تازو طالبان  "Promotion of Virtue and Prevention of Vice” جي نالي سان ھڪ انسانيت سوز قانون پاس ڪرايو آھي جنھن ۾ بنيادي طور تي عورتون پيڙھجن ٿيون نه کين ڳالهائڻ جو حق، نه اوچي آواز ۾ کلڻ جو حق، نه نچڻ ڳائڻ جو حق غرض ھر بنيادي حق کسيو ويو آھي جنھن تي عالمي سطح تي خاموشي آھي. عورتن کي بغير محرم جي ٻاھر نڪرڻ تي پابندي آھي جڏھن ته مردن لاءِ ڊگھي ڏاڙھي رکڻ لازمي آھي.

اھڙي بنيادپرست سوچ کي اسان جي رياست ماضيءَ ۾ به ھمٿايو آھي ۽ اڄ  به پرگھور لھي ٿي. جنھن جو ثبوت ڪراچي ۾ ٿيندڙ امن پسند شھرين جو "سنڌ رواداري مارچ ” هو جنھن تي حڪومتي حڪم تي تشدد ٿيو ۽ شھرين جي تذليل ڪئي وئي. تاريخ ۾ اھڙا واقعا ملن ٿا ته جڏھن طاقتور ظالم خلاف ڪو آواز اٿي ٿو تي ھو پنھنجي قانون کي پاڻ ئي ٽوڙي ٿو. يونان جي ڪٿا موجب ھڪ بادشاھ جڏھن سرمائيدارن مشيرن وڏيرن مذھبي عالمن جي  خلاف وڃي عوام جي ڀلائي لاءِ مفت ان (ماني)، علاج جي سھولت ۽ ڀلائي جا ڪم ڪري ٿو ته ھو کيس مارڻ چاھين ٿا عالمي قوتن سان ملي کيس قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پر ھو ھڪ عبادتگاهه ۾ وڃي پناھ وٺي ٿو. سندن روايت موجب جيئن ڪو جوابدار ان عبادتگاهه ۾ پناھ وٺندو  ته کيس اتي قتل نه ڪيو ويندو پر طاقتور ڌريون پنھنجو ئي جوڙيل قانون ٽوڙي کيس ان ئي عبادتگاهه ۾ قتل ڪن ٿيون.

ان کانسواءِ تعليمي ادارن ۾ جتي مذھبي انتھا پسند "جمعيت” کي وڏا وڏا پروگرام ڪرائڻ جي آزادي مليل آھي اتي ترقي پسند شاگرد تنظيمن کي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي پاداش ۾ ايف آءِ آر کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. ان مان صاف ظاھر آھي ته پاڪستاني رياست علم، تنقيد، آزادي ۽ امن جي خلاف آھي ۽ مسلسل رجعت پرست سوچ کي ھٿي ڏئي رھي آھي. اھڙي رياست وٽ باغي آواز کي دٻائڻ لاءِ "تشدد” کانسواءِ ڪو ٻيو ھٿيار ناھي بچيو جنھن کان ھاڻي عام شھري  به محفوظ ناھي

عوام پنھنجي بنيادي حقن خاطر ھاڻي نٿو نڪري ته اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن افغانستان واري صورتحال بڻجي وڃي. واضح رھي ته ۶۰ واري ڏهاڪي ۾ روس جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان جو استعمال ڪيو ۽ ھٿرادو مجاھدين کي لائونچ ڪيو جيڪي بعد ۾ آمريڪا لاءِ وبال بڻجي ويا ۽ 9/11 وارو واقعو پيش آيو. جنھن بعد کين غلطي جو احساس ٿيو پر دير ٿي چڪي ھئي، دھشتگردي جو اثر مختلف علائقن تائين پھچي چڪو ھو ۽ عالمي امن کي خطرو آھي.

جيئن سنڌ جي ڳالهه ڪيون ته ھاڻي قومي وسيلن کي کسڻ سان گڏ سنڌ جي مذھبي رواداري واري سڃاڻپ کي ھاڃو رسايو پيو وڃي. اتي سنڌ جي ترقي پسند سياسي پارٽين جي ذميواري آھي  ته گھڻ رخي سياست ذريعي ڌرتي کي بچائين ٻي صورت تاريخ ڏاڍي بي رحم آھي. جيڪو ڪالھه تائين سنڌو تھذيب جو نالو ھو ان کي عام شعور مان ختم ٿيندي دير نه ٿيندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.