اوٻاوڙو:سنڌ پنجاب دنگ تي موٽروي بند،هزارين گاڏيون ڦاٿل

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) سنڌ ۽ پنجاب حڪومت پاران تحريڪ انصاف جي اسلام آباد واري ڌرڻي لاءِ ويندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد ، مريدشاخ وٽ ماھي چوڪ سرحدي دنگ ۽ موٽر وي ايم 5 تي ٽرالر بيهاري قومي شاھراهه ۽ موٽر وي بند ڪري ٽريفڪ جو ڪارو وھنوار ٺپ ڪري ڇڏيو ٽريفڪ بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏيون جون قطارون لڳي ويون،هزارين  مسافر پريشان نظر آيا، مسافر گاڏيون، ايمبولنسن شارٽ ڪٽ رستن  لنڪ روڊم ۽ ڪچن رستن ذريعي منزل ڏانھن وڃڻ تي مجبور ٿي ويون، مسافرن ڪاوڙ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ سياستدانن جي سياست غريب عوام کي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آھي مريض ايمبولنسن ۾ تڙپي رھيا آھن خبر ناھي حڪمران ملڪ ۽ عوام کي ڪھڙي طرف وٺي وڃي رھيا آھن ھاڻي ملڪ جو خدا حافظ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.