سڄي ملڪ ۾ واٽس ايپ سروس بند

اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا  لاءِ احتجاج جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل رهي. سڄي ملڪ ۾ واهپيدار واٽس ايپ، فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽن تائين رسائي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا. گهرو وزارت چيو ته سڪيورٽي خدشن وارن علائقن ۾ موبائيل ڊيٽا ۽ واءِ فاءِ بند ڪئي ويندي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان موبائل فون انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي ۽ واهپيدارن شڪايتون ڪيون. انٽرنيٽ تي نطر رکندڙ اداري نيٽ بلاڪس تصديق ڪئي ته پاڪستان ۾ واٽس ايپ سروس بند آهي. عملدارن پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب اهو قدم کنيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.