خيرپور ويجهو پاڻي جي واري تي ويل 2 پورهيت اغوا، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

احمدپور ( رپورٽ: مختيار ميتلو )  احمدپور لڳ ڳوٺ ڀلي ڏنو ميتلو جا رهواسي 2 پورهيت عبداللطيف ميتلو ۽ برڪت ميتلو گذريل رات دير سان ڳوٺ ڀرسان زمين تي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويا هئا جتان نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿي  ويا آهن صبح تائين گهر نه موٽڻ ۽ سندن موبائيل فون بند هجڻ ڪري وارثن سندن ڳولها ڪئي ته زمين تان سندن چپلون هٿ آيون جنهن بعد هنن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي اھڙي واقعي جي اطلاع کانپوءِ ميتلا برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا جن احمدپور پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو پر ان باوجود ٽن ڪلاڪن تائين ايس ايڇ او احمدپور واقعي واري هنڌ نه پهتو جنهن ڪري ڪا به ناڪابندي نه ٿيڻ ڪري هٿياربند آسانيءَ سان فرار ٿي ويا،  منجهند جو ڳوٺاڻن ۽ پوليس پيرين جي مدد سان هٿياربندن جو پيرو کنيو جيڪو ڪچي واري علائقي سنڌو درياهه ويجهو گم ٿي ويو آهي،  احمدپور مان ٻن پورهيت هارين جي اغوا واري معاملي جو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران سختي سان نوٽيس ورتو ويو،  آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي خيرپور توحيد رحمان ميمڻ کي مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،ٻئي طرف مغوين جي وارثن صحافي مختيار ميتلو علي گل ميتلو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس سندن ٻن پورهيتن کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ۽ ناحق ٿيو آهي اسان جي نوجوانن کي جلد ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.