جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ڪئنالن خلاف ٽنڊي محمد خان ۾ مارچ،ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان(حيدر شورو) ، ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال اڏجڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئور ، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورهيه سنڌي ، جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ، اسماعيل نوتڪاڻي ، جيئي سنڌ محاذ جو پنهل  جمالي ، ايوب ڪوريجو، ساجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان جي الفتاح چوڪ ڀرسان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو . احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻن مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌو درياهه تي نوان6 ڪينال ٺاهڻ سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي ،سنڌ جي زراعت کي هميشه لاءِ تباهه ڪرڻ جي اهڙي سازش رٿي وئي آهي . جنهن سان سنڌ صدين تائين پنهنجي جياپي جي حق کان محروم ٿي ويندي . سنڌ دشمن سازش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ، هنن چيو ته نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام ايوانن جو گهيراءَ ڪري سخت مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو ،احتجاج ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.