اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين توشا خانا ريفرنس ۾ به پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب نئين توشاخانا ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن غلط قيمت لڳائي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر هو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هئا، جنهن مالي فائدو حاصل ڪيو اهو بنفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ ۾ ملوث هو.
پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غيرقانوني طور پاڻ وٽ رکيو ۽ توشا خانا ۾ جمع ئي نه ڪرايو ويو.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ اڳواٽ ئي ضمانت ٿي ويندي.
جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا ۾ چيو ويندو آهي ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿيو يا نه آيو، ميڊيا وارا جيڪڏهن تجسس نه پکيڙيندا ته سندن ڪاروبار ڪئين هلندو؟
بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ به عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10، 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ کيس ٽرائل ڪورٽ جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
Prev Post
You might also like