ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جي بورڊز امتحانن ۾ پاسنگ ۽ گريس مارڪس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، اهڙو فيصلو انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي ملڪ جي تعليمي بورڊز جي نمائندن شرڪت ڪئي.
انٽربورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن( آءِ بي سي سي ) موجب، هاڻي هر مضمون ۾ پاسنگ مارڪس 33 بدران 40 هونديون جڏهن ته گريس مارڪون 3 مان وڌائي 5 ڪيون ويون آهن.
آءِ بي سي سي موجب، پهريان 30 نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي 3 گريس مارڪس ڏنيون وينديون هيون پر هاڻي 35 نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي پنج گريس مارڪس ڏئي پاس ڪيو ويندو.
ڪميشن موجب، ٻن کان وڌيڪ مضمونن ۾ فيل ٿيندڙ شاگرد کي گريس مارڪس نه ملنديون جڏهن فيصلو 2025ع جي امتحانن کان لاڳو هوندو.
You might also like