نئين توشا خانا ريفرنس ۾ ضمانت، ڇا هاڻي عمران خان آزاد ٿي سگهي ٿو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي نئين توشا خانا ريفرنس ۾ ضمانت ملڻ باوجود آزادي جو امڪان ناهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين توشا خانا ريفرنس ۾ به پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ذريعن موجب، نئين توشا خانا ڪيس ۾ ضمانت بعد به في الحال عمران خان جي آزادي جو امڪان نه آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي راولپنڊي ۾ داخل 9 مئي جي 14 ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ باوجود ضمانتي مچلڪا جمع ناهن ڪرايا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف راولپنڊي ۾ 28 سپٽيمبر ۽ 5 آڪٽوبر تي به دهشتگردي جا ڪيس داخل آهن.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي 10، 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ کيس ٽرائل ڪورٽ جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.