ممبئي(ويب ڊيسڪ )آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ موسيقار ۽ گلوڪار اي آر رحمان جي زال سان طلاق بعد سندس ساٿي گٽارسٽ موهني ڊي به پنهنجي مڙس کان عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
19 هين نومبر جي رات اي آر رحمان جي گهرواري سائرا بانو جي وڪيل وندنا شاهه طرفان اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي عليحدگي بابت هڪ بيان جاري ڪيو ويو هو.
اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي طلاق کي اڃا ڪجهه ڪلاڪ ئي مس گذريا ته موسيقار جي گروپ جي گٽارسٽ موهني ڊي به سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس کان عليحدگي جو اعلان ڪيو.
موهني ڊي ۽ سندس مڙس مارڪ طرفان جاري گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽٽل دل سان، مارڪ ۽ مان اِهو اعلان ڪريون ٿا ته اسان ٻنهي پنهنجا رستا هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان سدائين سٺا دوست رهنداسين.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست اولهه بئنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا سان تعلق رکندڙ 29 ورهين جي موهني هڪ مشهور گٽارسٽ آهي، هوءَ اي آر رحمان سان گڏ سڄي دنيا ۾ 40 کان وڌيڪ شوز ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي.
You might also like