حيدرآباد:ڊاڪٽر ڌرم قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ ۽  کيس قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي. ناليواري ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل ۽ سندس گهران ڌاڙي وارو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار محمد حنيف لغاري، تنوير ڀٽو،منظور ڀٽو ۽ قائم ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي آهي. عدالتي فيصلي موجب جوابدار قتل واري ڏوھه ۾ 5,5 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪندا. عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ هڪ جوابدار راجا کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته 2023ع تي قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ قائم بنگلي مان ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو لاش مليو هو. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس مقتول ڊاڪٽر جي ڀاء جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي هئي.

  1. ڳڙهي حسن ۾ ساهرن هٿان مبينه طور ساڙيل نوجوان فوت

ڳڙھي حسن(ن ع آ) ڳڙهي حسن ۾  مبينه طور سھري ھٿان پيٽرول ھاري باھ ڏيئي زخمي نوجوان محمد علي سرڪي جيڪب آباد جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو،نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو  پيرسن امڙ رازو قطار روئڻ لڳي جڏھن ته رات ڳڙهي حسن ۾ مبينا طور سهري بشير احمد سرڪي ناٺي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو جيڪو فوت ٿي ويو هوڏانهن علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته نوجوان کي سهري پاران زال نه ڏيڻ تان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏيئي خودڪشي ڪئي آهي هوڏانهن مقتول نوجوان جي ڀاءُ موجب ڀاءُ کي بشير احمد سرڪي۽ سمي سرڪي پيٽرول ھاري باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو آھي،اسان غريب آھيون جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،جڏھن ته واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ شڪ جي بنياد تي پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.