حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ، سنڌو درياھه تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪرپشن، زمينن تي قبضن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي ھڙتال ڪئي، جنهن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي صدر رفيعه پليجو، جنرل سيڪريٽري روشناس پٺاڻ، شازيه احمداڻي، ريشما گوپانگ، امير زادي برھماڻي، عذرارند، فرحانه سولنگي، ساجده ابڙو، شائسته ابڙو ۽ بختاور چنڊ ڪئي. احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، نذير بليدي، امداد پنھور، بابو ميمڻ، ربڏنو ملڪ، آغا عباس ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، زينت سمون صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياھه سنڌ جو جياپو آهي، شھباز شريف ۽ آصف زرداري سنڌ جي جياپي کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، سنڌو درياهه کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ ڪروڙين انسان اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. الطاف خاصخيلي چيو ته ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالن جي تھذيب تي حملو آھي. اشرف پليجي چيو ته حڪمران ھوش کان ڪم وٺن نه ته انھن جا رستا بند ٿي ويندا روشنا پٺاڻ چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڌاڙيل واھ ٺھي ويا ته سنڌ بنجر ۽ کنڊر بنجي ويندي. امداد پنھور چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھه ڪيو ويو آھي.