ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ دور آهي،زمينون ۽ وسيلا مستقل طور ادارن حوالي ٿي ويندا:زين شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھه چيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ ايس آءِ ايف سي جي منصوبن ذريعي زرعي شعبي ۾ زمينون ڊگھي مدي لاءِ ليز تي هليون وينديون،  انهن جي وارثي نه وفاق وٽ هوندي ۽ نه ئي صوبن جو ڪو اختيار رهندو، ملڪ ۾ هن وقت ون يونٽ کان وڌيڪ خراب ون يونٽ لاڳو ڪيو پيو وڃي، قومي وحدتن جون زمينون ۽ وسيلا ادارن جي مستقل قبضي ھيٺ اچي ويندا، سنڌ ۾ حڪمران جماعت سياست اندر ڪانٽريڪٽر ۽ ايجنٽ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايس يو پي ضلعي حيدرآباد پاران شھيد ڊاڪٽر انور لغاري جي نائين ورسي جي مناسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد زين شاهه چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري حساس طبعيت جو مالڪ ھو،  سندس قتل ۾ اهي ماڻھو ملوث  آھن جن چونڊن ۾ قومپرست جمهوري سياست جي رستا روڪ ڪرڻ پئي چاھي، هن چيو ته سائين جي ايم سيد وطن سان عشق جو درس ڏنو، ھن دنيا جي جديد معاشرن سان گڏ بيھڻ جو تصور ڏنو، جيڪڏھن پاڻ ارپڻ جو جذبو پيدا ڪجي ته انقلاب ممڪن بڻجي سگھي ٿو. عملي سياست کي قومي جمھوري سياست سان جوڙي اڳتي وڌڻ گھرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام آھي، سياست ۽ اقتدار ۾ شراڪتداري ڪري حالتون خراب آهن، ملڪ وڪرو ڪرڻ جو ھوڪو پيو ھلي، زمينون ۽ وسيلا ليز تي ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن معاشي ماهر قيصر بنگالي جي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته حڪمران ملڪ جا ادارا ۽ ٻيا وسيلا نيلامي جي لاءِ پيش ڪري رھيا آھن پر ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناھي. هن چيو ته نوجوان ھتي رھڻ بجاءِ ملڪ ڇڏڻ چاھين ٿا. ملڪ جا اثاثا گھٽجن پيا ۽ ڪمپني سرڪار جا اثاثا وڌن پيا. هن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال نڪتا ته سرائڪي وصيب وارا چون ٿا ته سندن لکين ايڪڙ زمين قبضي ھيٺ هلي ويندي ۽ سنڌ جي ته زمين ۽ پاڻي ٻئي کسجي ويندا. هن چيو ته ڪئنال ڪڍي سنڌ کي برباد ڪرڻ وارا منصوبا عوامي جدوجھد ذريعي روڪي سگھجن ٿا. 1991ع ٺاھه تي به عمل نه ٿيڻ سبب انڊس ڊيلٽا تاريخ تان مٽجي چڪي آھي ۽ جيڪڏهن هاڻ  6 ڪينال ڪڍي اھڙن  سنڌ دشمن منصوبن تي عمل ٿيو ته سنڌ جي زمين بنجر بڻجي ويندي . هن چيو ته سموريون طاقتون ھڪ پاسي آهن ۽ اسان ان ناانصافي کي ڏسندي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري سڄي زندگي نظرياتي سياست جي پاسي بيٺل رھيو. شاگرد سياست واري دور ۾ جڏھن به شاگرد سياست ۾ ٽڪراءُ ٿيندو ھو ته ڊاڪٽر انور لغاري ان کي روڪيندو ھو. امير آزاد پنھور چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري سنڌ جي قومپرست جمھوري سياست جو شھيد آھي. ڊاڪٽر انور لغاري پنھنجي پيشي ۽ قومي مقصد سان نڀايو. سندس خاندان سنڌ جو عاشق آھي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي بقاء سنڌ جي بقاء آھي. درياهه تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. سنڌ صوفي فورم جي صدر ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته سنڌ جي قومي تحريڪ جي بنيادن رکڻ ۾ ڊاڪٽر انور لغاري ۽ ان جي خاندان جو اھم ڪردار آھي. ھن چيو ته اڄ سنڌو درياھه کي قتل ڪيو پيو وڃي، ھنس راج چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري وطن جو شھيد آھي. ھن زندگي وطن جي آجپي جي لاءِ ڏني. وطن جي خودمختياري آفاقي حق آهي. ان تان ھٿ نه کڻنداسين. امير بخش ٿيٻو چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري انسان دوست ماڻھو هو، حبيب الله ڪابورو چيو ته ڊاڪٽر انور جيئي سنڌ تحريڪ جو پراڻو ساٿي ھو، ھو سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي سمجھوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.