لاھور (عمران شفقت) عمران خان جي مرڻ مارڻ واري 24 نومبر واري ڪال کان پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پريشان نظر اچن ٿا ۽ انھن جي ڪا بھ تياري نظر نھ پئي اچي ايستائين جو گذريل ڏينھن تائين لاھور ۾ بھ اھڙي ڪا سرگرمي نظر آئي جنھن بھ پي ٽي آئي حامي کان پڇون ٿا تھ اھو سوال کي گول ڪرڻ جي ڪُوشش ڪري ٿو ان سموري صورتحال ۾ 24 نومبر جي احتجاج جو مقصد صرف ھڪ آھي تھ پي ٽي آءِ کي لاش کپن جنھن جي بنياد تي ھو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ عمران خان لاءِ لابنگ ڪري سگھي ٻيو 9 مئي وارو ڪيس ۽ 190 ملين وارو ڪيس ھلي رھيو آھي ۽ جلد ڪنھن پاسي ٿيڻ وارو آھي ان کان اڳ عمران خان جي آزادي جو مسئلو آھي اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت ھڪ پيج تي آھن ،ممڪن آھي تھ پ پ جمھوريت ڌر طور ڳالھين جي حامي ھجي پر حڪومت کي ڪا بھ جلدي ناھي.