اسلام آباد(ع آ نيوز) هن سال 7 لک کان وڌيڪ نوجوان پاڪستان ڇڏي پرڏيهه ويا، انجنيئر، ڊاڪٽر، ماهر ورڪر سڀ بهترين معيار جي زندگي ۽ محفوظ مستقبل لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي راهه تي آهن. حڪومتي انگن اکرن موجب هلندڙ سال پاڪستان مان هن وقت تائين 7 لک کان وڌيڪ نوجوان پرڏيهه ويا آهن، نوجوانن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي. انگن اکرن موجب ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي انجنيئر، ڊاڪٽر، ماهر ماڻهو بهتر معيار جي زندگي ۽ محفوظ مستقبل لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي راهه تي آهن. نوجوان جو چوڻ هو ته اسان پنهنجن پيارن ۽ مائٽن کان پري ٿيڻ تي خوش نه آهيون پر مجبور آهيون. وطن ۾ اُميد جو ترورونظر اچي ته ڪير پرڏيهه ويندو؟ هن چيو ته گهٽ اجرت، محدود وسيلا ۽ حڪومت جي معاشي بحرانن جي بيانئي سبب نوجوانن کي مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هو پرڏيهه وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا.