سڊني (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان آسٽريليا هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست کي هاڪاري قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ضرور هارائي آهي پر شين کي هاڪاري رخ سان ڏٺو وڃي ته بالرن زبردست بالنگ ڪئي.
هن چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته آسٽريليا ڪمزور ٽيم نه آهي پر اڄوڪي ميچ ۾ اسان آسٽريليا کي ڪيئي موقعا ڏنا جنهن سبب ميچ هٿن مان نڪري وئي.
واضح رهي ته آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
You might also like