9 مئي واقعن جون وڊيوز سامهون آنديون، هاڻ عمران خان معافي وٺي: عطا تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف منظم سازش تحت 9 مئي جا واقعا ڪيا، 9 مئي جي ڪيسن جو جلد فيصلو ڪيو ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ دشمن ۽ اڄ به ان ئي ذهنيت تي آهي، پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا هئا ته سي سي ٽي وي سامهون آڻيو، اسان وڊيوز سامهون آنديون، هاڻ پي ٽي آءِ باني قوم کان معافي وٺي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي.
هن چيو ته 9 مئي واقعن جو ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن، پي ٽي آءِ جيڪو قدم کنيو اهو ملڪ جي خلاف ۽ پنهنجي انا لاءِ هو، اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي ڪيسن جو جلد کان جلد فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.