عوام پرامن رهي ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻي: شاهه محمود قريشي جي اپيل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺو هيس ۽ بيٺو آهيان.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان جتي بيٺو هيس اتي ئي بيٺو آهيان، اڳ سائفر ڪيس ۾ اڊيالا ۾ هيس، الله پاڪ ڪامياب ڪيو، هاڻ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد آهيان.
هن چيو عوام کي اپيل آهي ته پرامن رهي، قانون هٿ ۾ نه کڻي، پرامن احتجاج اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.