ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شرڌا ڪپور نئين فلم ۾ ” نانگڻ“ جي روپ ۾ چاهيندڙن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ويجهڙ ۾ بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور جي نئين فلم جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ هو نانگڻ جي روپ ۾ نظر ايندي، فلم جي نالي سميت اهم تفصيل في الحال جاري ناهن ڪيا.
فلم جي پرڊيوسر نکِل دويدي مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن کي فلم جو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ ٽي سال لڳا، فلم جو موضوع صفا نئون آهي جنهن جو پراڻي فلمن سان ڪو تعلق نه آهي.
هن چيو ته فلمي شوقينن جي شرڌا نانگڻ جي روپ ۾ انٽرٽين ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اميد آهي ته فلم ڏسندڙن کي پسند ايندي.
فلم جي مرڪزي ڪاسٽ بابت ڳالهائيندي نکل دويدي چيو ته شرڌا جي قابليت ۽ صلاحيت کيس بهترين چونڊ بڻايو ۽ خوشي آهي ته هو فلم جو حصو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شرڌا هاڻي فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ جي انتظار ڪري رهي آهي، فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال تائين شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like