”سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار ڇو؟ ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) پريا ڪماري ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي جي اڳواڻن مهيش ڪمار، سهڻي پارس، نجما مھيشوري، اوي هري لال، لياقت  جلباڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،هنن چيو ته سنڌ م۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب بڻجي وئي آهي سنڌ ۾ رهڻ مشڪل بڻجندو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌاڙيل انڊسٽري قائم ڪئي وئي آهي، ڀنگ عيوض ماڻهو آزاد ڪرايا پيا وڃن، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو آهي 40 کان وڌيڪ ماڻهو هن وقت به ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ موجود آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پريا ڪماري ٽن سالن کان گم آهي، هڪ هفتو اڳ وڪرم ڪمار، راج ڪمار، اغوا ڪيا ويا آهن، ادارا ڳولي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته  پريا ڪماري جتي به آهي ان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.