ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ سراپا احتجاج،مختلف شهرن ۾ ريليون،ڌرڻا خبر موجب ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف نياز بھراڻي، عبدالرحمان سمون، وڪيل سائين بخش جروار ۽ بچل سميجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ھنن چيو ته چولستان جي 48 هزار ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ڌرتي کي سڪائي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر ڪنهن به صورت ۾ سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ کي قبول نه ڪنداسين، وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪار اسٽاپ وارهه کان ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چونڪ تي جلسي عام ڪيو ويو، ريلي ۾ سياسي، سماجي، ادبي، صحافي ڌرين سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊيو، عرفان منان، نجيب چانڊيو، ساحل سڪندر، پنهل عباسي، وڪيل اياز کهاوڙ، معشوق مرکنڊ،۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي خاموش ڪون ويهبو سنڌ جي اندر اڳ ئي پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، هزارين ايڪڙ پڇڙي جي زرخيز زمين پاڻي نه پهچڻ سبب بنجر بنيل آهن، هاري ۽ آبادگار معاشي تنگ جو شڪار بنيل آهن، مٿان وري وقت جي سرڪار نوان ڪئنال جوڙڻ جون عوام دشمن رٿائون جوڙي سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي، ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ ڳڙھي خيرو پاران سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف جاويد جمالي، نياز علي عمراڻي، ماما زاھد حسين،اصغر جمالي، جاويد احمد، عرض محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي هائوس کان سنڌ بلوچستان بارڊر بيگاري ڪينال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جاويد جمالي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)”سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور“پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مظاهرا،ڌرڻا تفصيل موجب پ پ شھيد ڀٽو پاران مرڪزي سڏ تي سنڌو درياهه مٿان غير قانوني 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي صوبائي اڳواڻ رحيم کوسو، مجيد سيال، اعجاز مهيسر، اڪبر سوڍر، شاھڪار ملاح ۽ٻين چيو ته اسان جو ليڊر جونيئر ذوالفقار ڀٽو ميدان تي اچي ويو آهي اسان ان جي اڳواڻي ۽ غنويٰ ڀٽو جي سرپرستي ۾ سنڌو درياءَ تي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون ھنن چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياھ تي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو ڪم بند نه ڪيو ويو ته اسان سڄي سنڌ ۾ ان خلاف سخت مزاحمتي تحريڪ هلائينداسين، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي طرفان سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پارٽي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي پ پ پ ش ڀ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر مير لياقت علي عمراڻي، ذوالفقار جوکيو، محمد اسلم چنو، پروين چانڊيو، رياض کوسو ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاران زبردستي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل سنڌ سڪائڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر مير لياقت علي خان عمراڻي، ذوالفقار علي جوکيو، محمد سليم چنه، آپا پروين چانڊيو، رياض حسين کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳوڻن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش ٿا سمجهون سنڌ کي نقصان مطلب ملڪ پاڪستان کي نقصان آهي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي،ان موقعي تي وريام چنا فدا حسين جاگيراڻي، علي شاهاڻي، عاشق علي جتوئي، ايڊووڪيٽ ميڊم سلمہ مشتاق ڀٽو ديدار علي شيخ، نظر محمد مغيري، فواد علي جتوئي واجد ڀنگر، ساحل مشوري، ايس ڪي جاگيراڻي، ضامن شاهاڻي، رضا محمد ڀٽي، ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو،قمبر ۾ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،طفيل احمد سانگاه،علي نواز لاکو،زاهد حسين بروهي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته 91 ٺاھ تحت سنڌ کي هن وقت پنهنجي حصو جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ هئڻ ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال ٺاهڻ بند ڪيا وڃن سکر ۾ سردار قربان ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ تي سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي، پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي،خيرپور ۾ پ پ ش ڀ جي مشتاق سرڪي، صفت هاليپوٽو، عطاءُ الله ڀٽو ، حبدار خاصخيلي، نظر وساڻ، امان الله ڪانڌڙو، امتياز اوڍاڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ جي برابر آهي هن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،جيڪب آباد ۾ ضلعي صدر نور محمد منجھو, شھزاد احمد سومرو، رياض لاشاري، معشوق مندراڻي ۽ سليم بروھي جي اڳواڻي ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو ھائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ پاران ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاھڻ ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ٺٽي ۾ ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو، جنرل سيڪريٽري مقبول شاھ، پرويز ساٽي، خدا بخش سمون، پير بخش سمون، محرم بروھي، ماما الھڏنو بروھي، ثناءُ الله ميمڻ، علي حسن پيروزاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ طرف پنجاب جا ويران علائقا آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جون تياريون پيون وڃن ته ٻئي طرف وري آباد علائقن کي بنجر بنايو پيو وڃي، جيڪو فيصلو سنڌ دشمني تي ٻڌل فيصلو آھي جنھن کي رد ڪريون ٿا. ھنن چيو ته چولستان جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، جيڪڏھن سنڌو تي نوان ڪينال ٺھيا ته پوءِ نه رڳو ڪوٽڙي بئراج پر سکر ۽ گڊو بئراج به متاثر ٿيندا ۽ سنڌ ڀڙڀانگ بڻجي ويندي،هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون خورشيد لاشاري، پرويز بلوچ، رشيد ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، سنڌو درياھه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ سان ناانصافي آھي. سنڌو درياھه مان 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي زراعت تباھه ٿي ويندي،ڄامشوري ۾ ضلعي صدر شهزاد علي راڄڙ ۽ جنرل سيڪريٽري سليمان ڀلائي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ سيد طالب حسين، ڊاڪٽر رفيق ڀلائي، مظهر ملاح, عبدالغفار چانڊيو, ناصر پٺاڻ ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هنن چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم کي لبيڪ ڪري ميدان عمل ۾ لٿا آهيون جيستائين وفاق ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه وٺندو احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.
ميرپوربٺورو( رپورٽ: امتياز علي سومرو)سنڌو درياءَ تي ڪئنال نامنظور، جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران صوفين جي نگري جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو تائين درياھ بچايو پيادل مارچ ڪيو ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، قادر بخش زئور، وقار ميراڻي ٻين ڪئي. مارچ جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو طرف روانو ٿيو ته آس پاس جي ڳوٺن ڳوٺ محمد خان مجيدي، چورواھ اسٽاپ ۽ ڀڏي اسٽاپ شيخا اسٽاپ، سعيدا اسٽاپ ۽ باءِ پاس تي قافلي جي آجيان ڪئي وئي. ميمڻ سي اين جي وٽ ايس ٽي پي، جسقم آريسر، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ پاران شاندار آجيان ڪئي وئي،نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته حڪمران درياھ دشمن فيصلا ڪري رهيا آهن. حڪمرانن جي انهن ماحوليات ۽ فطرت دشمن فيصلن سان هي سڄو خطو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. سنڌو درياھ جي بقا جي جدوجهد سنڌي قوم جي بقا جي جنگ آهي. سنڌو نديءَ جو قتل پنج ڪروڙ سنڌين جو قتل هوندو. اسان چاهيون ٿا ته درياھ سمنڊ تائين خرامان خرامان ۽ مستيءَ سان وهندو رهي. نون ڇهھ ڪئنالن ۽ ڊيمن جي ٺهڻ واري عمل سان سنڌ مڪمل تباهي جي ور چڙهي ويندي. جيڪو عمل سنڌي قوم ڪڏهن به قبول نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽجڪ ڪئنالن ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي. پنجاب کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو نديءَ تي قبضو ٿي رهيو آهي. پ پ اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو نديءَ سميت سنڌ جا سمورا وسيلا وفاق ۽ پنجاب جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پ پ حڪومت ۽ صدر زرداري سنڌ جي مفادن سان غداري ڪري رهيا آهن. سنڌي قوم اهڙن فيصلن ۽ عملن کي قبول نه ڪندي. ان موقعي تي قومي پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، قادر بخش زئور، حسين آزاد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو
نوابشاهه(ڊ ر)جسقم آريسر پاران سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال ڪڍڻ واري اعلان خلاف پارٽي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، سرمد ميراڻي، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، ناصر شاھ جي اڳواڻي م شيراز چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا گشت ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن چيو ته اسان وفاق جي اهڙي فيصلي کي نٿا مڃون هنن چيو ته ماضي ۾ به ڪالاباغ ڊيم ٿل ڪئنال ٻٽو نظام جهڙا اعلان ڪيا ويا جن جي سنڌ جي عوام مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي جنهن ڪري حڪمرانن اهي اعلان واپس ڪيا ھنن چيو ته سنڌو درياھ اسان جو جياپو آهي جيڪڏهن ڪئنال ڪڍڻ وارو ڪم بند نه ڪيو ويو ته پنجاب ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏينداسين
چولستان ڪئنال ٺھيو ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو:اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پ پ سنڌ جي قيمت ادا ڪري حڪومت ورتي آھي،سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ ٻڌائين ته انھن کي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آھي سنڌ جي خوشحالي جو يا سنڌ جي تباھي جو. درياھ سان سنڌ آھي ۽ ملڪ آھي سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم ٿي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نه ٿي وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو ته ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق بڻيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سي سي آءِ ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن،هن چيو ته چولستان ڪئنال ٺھيو ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌ بنجر ٿي ويندي. ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو ۽ ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڇو ڏني،هن چيو ته ملڪ جي زرعي جي نالي تي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ نه ڪيو. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين ايز ڇو خاموش آھن.
چولستان،گريٽر ٿل ڪئنال سميت ٻيون تڪراري رٿائون ختم ڪريو:ٺهراءَ
حيدرآباد: پورهيت مزاحمت تحريڪ جي ميزباني ۾ ٿيل "سنڌ جا قومي وسيلا ۽ سيڪيولر تشخص بچايو” ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمي بل کي فوري واپس وٺي چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 سميت ٻين ڪئنالن جي رٿائن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ بجاءِ لکين ايڪڙ زمين بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي ڏني وڃي ۽ جاگيرداري جو خاتمو آندو وڃي.1991ع جي پاڻي معاھدي تي عمل ڪندي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ نيون ڪمانڊ ايريا ٺاھڻ بند ڪيون وڃن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي ڇوڙ کي يقيني بڻائي ڊيلٽا کي بچايو وڃي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاھين قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري 13 آڪٽوبر تي رواداري مارچ ۾ سنڌ جي پرامن شھرين تي تشدد ڪندڙ اھلڪارن کان وٺي آئي جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار جي گھرو وزير خلاف قانوني ۽ ادارتي ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ مدرسن جي ڄار کي ريگيولرائز ڪري انھن جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي.
تڪراري ڪئنال ۽ زمينون ڦٻائڻ نئون ون يونٽ آهي،سنڌ مزاحمت ڪندي:ساڃاهه وند
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه مان وڌيڪ هڪ به نئون ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيندا ۽ سنڌ، سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ زمينون ڦٻائڻ جهڙين رٿائن کي نئون ون يونٽ سمجهي ٿي، سنڌ کي ويران ۽ بنجر بڻائي پنجاب کي وڌيڪ سرسبز ڪرڻ واريون سازشون بند ڪيون وڃن، سنڌ جي حقن تي وفاق جي ڌاڙي ۽ پاڻي جي چوريءَ ۾ پيپلزپارٽي وفاق جي سھولتڪار آھي، سنڌ جي سيڪيولر تشخص کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ انتهاپسندن ۽ جنونين کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل، سندس لاش جي تذليل ڪري ساڙڻ ۽ قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪرڻ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته رياست انتهاپسندن سوچ سان گڏ بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پورهيت مزاحمت تحريڪ جي ميزباني ۾ ٿيل “سنڌ جا قومي وسيلا ۽ سيڪيولر تشخص بچايو” ڪانفرنس جي مختلف ويهڪن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھه سنڌ جي وجود ۽ تھذيب جو ضامن آھي، سنڌو ۽ ان جي سھڪاري درياھن تي غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي ڪوشش سنڌ جو وجود مٽائڻ برابر آھي. هن چيو ته سنڌ جو تشخص صدين کان مذھبي رواداري وارو رھيو آھي، ڊاڪٽر شاھنواز جو عدالت کان مٿاھون قتل ان تشخص کي مٽائڻ جي ڪوشش ھئي،هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي پھرين مرحلي ۾ لکين ايڪڙ زمين سگهارن ادارن ۽ خانگي ڪمپنين کي ڏني وئي ۽ ھاڻ ان لاءِ پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش جاري آھي، گرين پاڪستان انيشيٽو ذريعي صدر جا غير قانوني اختيار استعمال ڪري ھڪڙي پاسي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آھي، جنھن سان پاڻي جي ورڇ ۾ صوبن جي اختيارن کي ختم ڪري ۽ 1991ع جي پاڻي معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪري انھن اختيارن کي مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جي اعتراضن باوجود ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ جي منظوري کانسواءِ سنڌو درياهه ۽ ان جي سھڪاري درياھن تي 6 اسٽريٽجڪ ڪئنالن کي تجويز ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ چولستان ڪينال جي مشروط منظوري ڏني وئي آھي، سنڌ انھن رٿائن کي نئون ون يونٽ سمجھي ٿي ۽ پنھنجي وجود تي وار سمجھي ٿي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو چيو ته پاڻي جو مسئلو فني نه پر سياسي آھي، جنرل پرويز مشرف ڊيم ٺاھڻ چاھيو پئي پر جڏهن ڊيم خلاف مزاحمت ٿي ته هو ھٿ ڪڍي ويو. سنڌ سڪائي پنجاب جي سحرا کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي زمينون هو آباد ڪندا اهي سڀ ملڪ جي سگهاري اداري جي ڪنٽرول ۾ هونديون. هن چيو ته پنجاب پنهنجي پسند جي 91ع واري پاڻي ٺاھه تي به عمل نٿو ڪري،پاڻي جي اڳ ئي 40 سيڪڙو کوٽ آهي، هن چيو ته مذھب کي رياست کان ڌار ڪرڻو پوندو، سنڌ کي ڪالوني بڻايو ويو آھي، ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل خلاف سياسي پارٽين پنھنجو ڪردار ادا نه ڪيو، پر سنڌ جو ماڻھو رستن تي نڪتو ۽ مزاحمت ٿي. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس انتھائي اھم ۽ سنگين آھي، اسان کي پاڻي ڪيس تي ماڻھن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ سان گڏوگڏ آئيني ۽ قانوني ويڙھه به وڙھڻي پوندي. ھن چيو ته سنڌو درياھه تي ٺھندڙ 6 ڪئنالن مان 4 ڪئنالن جو 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آھي. اھي ڪئنال پرويز مشرف جي دور ۾ ٺاھڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ بلوچستان سنڌ سان گڏ بيھڻ بدران پنجاب سان گڏ بيٺل رھيو. باقي ٻن ڪئنالن جو ڪم ھاڻ ٿيندو. ھن چيو ته سنڌ ۾ انتھاپسندي وڌي رھي آھي. اهڙي صورتحال ۾ ڇا پاڻي جي مسئلي ۽ انتھاپسندي سميت ٻين معاملن تي سموريون سياسي پارٽيون پنھنجو عملي ۽ جٽادار ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون؟. نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل خلاف سنڌ مزاحمت ڪئي، سنڌ حڪومت پھريان مڪر ڪندي رهي ۽ عوامي رد عمل کان پوءِ انصاف جي ڳالھه ڪئي، ھن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف جي لاءِ گڏيل جدوجھد جي ضرورت آهي. انتھاپسندي جي ھٿيار کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر شاھنواز جو عدالت کان مٿانھون قتل ان سلسلي جي ڪڙي آھي، جنھن جو مقصد سنڌ جي صدين جي روادار تشخص کي ختم ڪرڻ آھي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليه بخشل چيو ته تبديلي سياسي عمل ذريعي ايندي، ترقي پسند دوست به ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ناھن. هن چيو ته سنڌ جون حالتون ايڏيون خراب ڪيون ويون آهن جو اتر سنڌ روز ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿين ٿا، ڀيڻ اڳيان ڀاءُ کڄي ويو، پر ڪير به سندس لڙڪ اگھڻ وارو ناھي. روماسه جامي چانڊيو چيو ته سنڌ ھن وقت بدترين دور مان گذري رھي آھي. ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس سميت توھين مذھب جي ڪيسن ۾ الزام ھيٺ آيل سمورن ماڻھن کي انتھاپسند سوچ رکندڙن ۽ ھجومن قتل ڪيو آھي. جڏھن ته ھاڻ رياستي ادارا به اھڙن ڪيسن ۾ عدالتن کان مٿانھان قتل ڪن پيا. جنھن سان ماڻھو عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھن. ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي ڪيس ۾ نامزد قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ انتھاپسند ٽولن کي لغام ڏنو وڃي.
لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ”سنڌو درياهه بچايو“ پنڌ مارچ جي پڄاڻي،ڌرڻو
لاڙڪاڻو(رپورٽ:جي ايم کوکر) لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان سنڌو درياهه بچايو پيادل مارچ پڄاڻي تي پهتو. پيادل مارچ جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن درياهه پيادل مارچ شهر جي اوٺا چوڪ کان شروع ٿيو جيڪو مختلف روڊن رستن کان ٿيندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهتو جنهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، جسقم اڳواڻ اطهر سومرو، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، عوامي تحريڪ جي ايڊوڪيٽ ساجد علي مهيسر، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري، خان غفار خان، ڪمال جنبلات، فوزيه سينگار، ڪامريڊ بختاور سميت مختلف جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پيادل مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته درياهه بچايو پيادل مارچ جو مقصد سنڌو درياهه جي استحصال ۽ تباهيءَ خلاف آواز اٿارڻ آهي ڇاڪاڻ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه تي قبضي جي ڪوشش ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ڌاڙو هڻڻ بند ڪري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واپس وٺي سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي اڏاوت وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.
-
سنڌ کي 1991ع ٺاهه مطابق ئي پاڻي نه ٿو ملي:نصير ميمڻ
حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ نامياري دانشور ۽ پاڻي جي معاملن تي چٽي نظر رکندڙ نصير ميمڻ، پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ ذوھيب پيرزادي ڇھن اسٽريٽجڪ ڪينالن جي فني پاسن تي ٿيل ويهڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي نامياري دانشور نصير ميمڻ وڊيو لنڪ ذريعي سنڌو درياهه جي پاڻي جي ڪيس ۽ نون ڪئنالن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ته ڇا پر هڪ به نئون ڪئنال نڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي ته سنڌ واسين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پيدا ٿيندي. سنڌ کي 1991ع واري پاڻيءَ ورڇ واري ٺاهه مطابق پاڻي نه ٿو ملي، مٿان جيڪڏهن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته پوءِ سنڌ جي حصي ۾ رڳو رڃ ئي وڃي بچندي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته انهن ڇهن ڪئنالن بابت سگهاري راءِ ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان بابت مڪمل معلومات موجود هجي ته انهن مان سنڌ کي ڪهڙا خدشا ۽ خطرا آهن،هن چيو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ سجاول، ٺٽي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زميون ڳڙڪائي چڪو آھي، جيڪڏهن اڃا به سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي ته سنڌ برباد ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ اعتراض ڪيو آھي، پر وري اجلاس نه ٿيو آهي نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته دنيا ۾ ڪنھن قوم سان ايڏو ظلم نه ٿيو آهي جھڙو سنڌ سان ٿي رهيو آهي. ارسا ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق پنھنجا نمائندا رکي صوبن خلاف فيصلا ڪري ٿو، سنڌ جي حقن تي وفاق جي ڌاڙي ۽ پاڻي جي چوريءَ ۾ پيپلزپارٽي وفاق جي سھولتڪار آھي.