اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا به آزاد ناهي، ٽوئيٽر(ايڪس)استعمال ڪرڻ لاءِ وي پي اين لڳائڻو پوندو آهي،ايستائين جو وزيراعظم به ٽوئيٽر استعمال ڪرڻ لاءِ وي پي اين استعمال ڪندو آهي،هو به اسان وانگر مجبور آهي،اسلام آباد لٽريچر فيسٽيول کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪو به قومي ميڊيا تي پابنديون هڻي اهو سمجهي ٿو ته هو پاڪستان جي خدمت ڪري رهيو آهي، اهو پاڪستان جي خدمت نه پيو ڪري بلڪه ميڊيا جي ساک خراب ڪري رهيو آهي،ان ڪري ماڻهو سوشل ميڊيا ڏانهن وڃي رهيا آهن،هن چيو ته ڪنهن صحافي کي پنهنجي چئنل تي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي يا اخبار ۾ ڪالم لکڻ نٿو ڏنو وڃي ته هن کي گهرجي ته يوٽيوب تي پنهنجو چئنل کولي،اتي سچ به ڳالهائي ۽ پئسا به ڪمائي پر مان ڪالهه به چيو اڄ به چوان ٿو ته 2024ع ۾ پاڪستان ۾ 9 صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي،انهن مان 5 صحافي وي لاگر هئا،اهي قومي ميڊيا جا نه هئا،سو خطرو توهان کي قومي ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا ٻنهي هنڌن تي آهي،ميڊيا سائنس جي شاگرد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين مان صحافت جي شاگردن کي همٿائيندو هئس پر هاڻي ائين نه ڪندس،پاڪستان ۾ صحافت هڪ تمام خطرناڪ پيشو بڻجي وئي آهي،جيڪڏهن توهان پاڳل آهيو ۽ سچ ڳالهائڻ جو شوق آهي ته پوءِ سر تي ڪفن ٻڌي ڀلي نڪري پئو،مان توهان جي آجيان ڪندس،جيڪڏهن توهان خطرن کي منهن ڏئي سچ ڳالهائيندا ته هي ماڻهو توهان کي هميشه ياد رکندا،هن چيو ته اسان ڪنهن هڪ اداري خلاف ناهيون، مان ڪيتري عرصي کان ان ”اداري“ جي غلط قدمن خلاف ڳالهائيندو،لکندو رهيو آهيان،ملڪ جي مسئلن جو ذميوار رڳو موجوده حڪمران پارٽيون ناهن اها به پارٽي آهي جيڪا ماضي ۾ ان ”اداري“ جي ڪلهي تي سوار ٿي آئي،اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ آرمي چيف سان نه ويڙهه نه ڪري ها،عوام تي ڀروسو ڪري ها،هن چيو ته حڪومت ڪمزور آهي ته ٻڌايو اپوزيشن مضبوط آهي؟ سياسي پارٽيون ان ڪري ڪمزور ٿي ويون آهن ڇو ته جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي اها ان ”اداري“ سان ڳٺ جوڙ ڪري وٺي ٿي،ان ”اداري“ کي خوش ڪري ٿي،عوام جي مفادن جو خيال نٿي ڪري،هن چيو ته هن وقت جيڪي پارٽيون اقتدار ۾ آهن اهي جيڪڏهن سمجهن ٿيون ته اسان فلاڻي پارٽي جي ليڊر کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته اها انهن جي غلط فهمي آهي،ڇو ته ٽن چئن سالن کانپوءِ اسان چونداسين ته هن وقت جيڪي جيلن ۾ آهن حڪومت جو اهو قدم غلط آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جو مدو 5 سال ڪرڻ بابت اهو تاثر آهي ته حڪومت سمجهي ٿي ته آمريڪا ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي،جيڪڏهن پاڪستان تي دٻاءُ آيو ته سياسي حڪومت ڇا ڪري سگهندي؟ سياسي حڪومت پنهنجي طاقت جو سرچشمو آرمي چيف کي بڻائي ڇڏيو آهي،آرمي چيف جي ڪلهي تي جيڪا حڪومت ايندي آهي اها پاڻ کي خطرن کان بچائڻ لاءِ آرمي چيف کي سامهون ڪري ڇڏيندي آهي،مدو وڌائي انهن آرمي چيف جو ڀلو ناهي ڪيو ،پارليامينٽ جو مدو 4 سال ان صورت ۾ ٿيڻ گهرجي جڏهن چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين،اليڪشن فراڊ هوندي ته پارليامينٽ جو مدو ڇهه سال ڪريو،ڇهه مهينا ڪريو ان جو ڪو به فائدو ناهي،هن چيو ته اسان ۾ برداشت تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن هڪ ٻئي کي معاف ڪريو چوڻ شروع ڪنداسين،اسان ۾ اڃا تائين آءِ ايم سوري چوڻ ناهي آيو،اسان اهو لفظ چوڻ شروع ڪيو ته شايد اسان جا ليڊر به اهو سکي وٺن،هن چيو ته بلوچستان جو سڀ کان وڏو مسئلو لاپتا ماڻهن جو آهي،کنڀيلن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي،بلوچستان ۾ رياستي ادارا آئين ۽ قانون کي پنهنجي لانگ بوٽن سان لتاڙي رهيا آهن،اهو عمل بند ٿيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي جو مسئلو حل ٿي ويندو،سڀني کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ اليڪشن نه سليڪشن ٿيندي آهي،اتي سيٽن لاءِ پئسو هلندو آهي،جيستائين حقيقي عوامي حڪومت نٿي اچي بلوچستان جو مسئلو حل نه ٿيندو،هن چيو ته توهان ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي پسند جون خبرون نٿا هلائي سگهو،آمريڪا جو مثال ڏسو،اتي سي اين اين،سي بي ايس ۽ ٻين وڏن چئنلن رپورٽ ڏني ته ٽرمپ هارائي رهيو آهي پر ٽرمپ ته واضح اڪثريت سان کٽي ويو، اهڙا چئنل پاڪستان ۾ به ناڪام ٿيندا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 11 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو